اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان ڪڏهن به اڪيلو نه هو، پرڏيهي پاليسي ڪامياب رهي آهي، ملڪ ۾ دهشتگردن جا ڪنهن به قسم جا ڪي ڳجه?? ٺڪاڻا نه آهن، دهشتگردي خلاف دنيا جي سڀ کا وڏي جنگ وڙهي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته بحران، مشڪلاتون ۽ چئلينجز ايندا رهندا آهن، حڪومت جو ڪم انهن جو مقابلو ڪرڻ آهي ۽ اهو اسان ڪري رهيا آهيون، گڏيل قومن ??ون جيڪي به قراردادون آهن اسان انهن جي مڪمل تعميل ڪريون ٿا، حڪومت سمورن مسئلن ک?? خوش اسلوبي سان حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهي خطرا نه آهن پر مسئلا آهن جن جو اظهار مختلف فورمن تي ڪجهه ملڪن ڪيو آهي جنهن جو پاڪستان ??ڏو واضح جواب به ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اسان جو ان حوالي سان جواب وڏو واضح آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جا ڪنهن به قسم جا ڳجه?? ٺڪاڻا نه آهن ۽ نه ئي پاڪستان ڪنهن قسم جي دهشتگردي جي حمايت ڪري ٿو پر پاڪستان ته هن وقت دهشتگردي جي خلاف دنيا جي سڀ کان ??ڏي جنگ وڙهي رهيو آهي.
پاڪستان ڪڏهن به اڪيلو نه هو، پرڏيهي پاليسي ڪامياب رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ