برلن_ 17 نومبر(اي پي پي) جرمني جي چانسلر اولاف شولز چيو آهي ته جرمني يونان ۽ تر??يه وچ ۾ سٺن لاڳاپن جي خواهشمند آهي، يورپي يونين ۾ تر??يه جي پناهگيرن جي معاملي تي ڳالهيون جاري آهن، انهن ڳالهين جو ويجهي کان جائزو وٺي رهيا آهيون، ميڊيا رپورٽن موجب جرمن چانسلر اهڙن ??يا??ن جو اظهار برلن ۾ يونان جي وزيراعظم ڪرياڪوس ميچوتا ڪيس سان ملاقات کان پوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران چيو ، هن ان ڳالهه جو اشارو ڏنو ته تر??يه ۽ يونان نيٽو جڏهن ته يونان يورپي يونين (اي يو) جو ميمبر آهي، جرمن چانسلر چيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ ٻن??ي ملڪن جي لڳاپن جي حوالي سان رهنمائي ڪئي آهي، هن چيو ته تر??يه ۽ يونان جي مسئلن جو حل تمام گهڻو ضروري آهي، اس??ن ويجهي مستق??ل ۾ يونان ۽ تر?? حڪومتن ۾ ڳالهين جا منتظر آهيون، يورپي يونين ۽ تر??يه وچ ۾ پنهاگيرن جي معاهدي جي بحالي جي حوالي سان هن چيو ته يورپي يونين ان حوالي سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، تر??يه پنهاگيرن جي وڏي تعداد کي پناه ڏني آهي ۽ اسان اميد ڪيون ٿا ته پنهاگير يورپ طرف لڏ پلاڻ نه ڪندا،يوناني وزيراعظم پڻ ان موقعي تي چيو ته اسان جي حڪومت تر??يه سان غير قانوني اميگريشن جي روڪ ٿام لاءِ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ چاهي ٿي، يورپي يونين انهن ملڪن جي امداد ۾ اضافو ڪرڻ چاهي ٿو جيڪي ان بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن.
يونان ۽ ترڪيه وچ ۾ سٺن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون: جرمني
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ