لنڊن-17 آڪٽوبر (اي پي پي)برطانيه ۾ ايليٽ پريپريٽري اسڪولن مان هڪ اسڪول روبوٽ کي پرنسپل طور مقرر ڪيو آهي جيڪو مصنوعي ذهانت جي ??يڪنالاجي کي استعمال ڪندي مرڪزي ڊائريڪٽر طور ڪم ڪندو. سعودي خابرو اداري موجب برطانوي اخبار جي شايع ٿيل رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو ته ويسٽ سسڪس ۾ ڪوٽسمور اسڪول ابيگيل بيلي کي اسڪول جي سربراهه مقرر ڪيو آهي جيڪو هڪ مصنوعي ذهانت وارو روبوٽ آهي جنهن کي خاص طور تي ان مقصد لاءِ ٺاهيو ويو آهي. ان جي ڪم ۾ روايتي انساني ڊائريڪٽر جي ??دد ڪئي ويندي آهي. اهڙي طرح هي پنهنجي ??وعيت جو پهريون اسڪول آهي جنهن ۾ هڪ روبوٽ کي انساني ذميواري سونپي وئي آهي. رپورٽ ۾ اسڪول جي (انساني) پرنسپل ٽام راجرسن جي حوالي سان چيو ويو ته روبوٽ يا چيٽ بوٽ سندس جي ۽ ٻين استادن جي اسڪول جون پاليسيون لکڻ کان وٺي نيورو ڊائيورس شاگردن جي ??دد ڪندو، رپورٽ موجب مصنوعي ذهانت وارو روبوٽ مشهور چيٽ ايپليڪيشن چيٽ جي ??ي ٽي وانگر ڪم ڪندو جيڪو هڪ وڏو انساني ماڊل آهي جنهن کي ڊيٽا جي ??سيع شعبن تي تربيت ڏني وئي هئي، هي انساني رد عمل وانگر جواب فراهم ڪري سگهي ٿو، ان کي هڪ مصنوعي ذهانت ڊويلپر جي ??دد سان بڻايو ويو ۽ تحقيقي مقالي موجب مش??ن لرننگ ۽ ايجوڪيشن مينيجمينٽ ۾ علم جي دولت فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو، پرنسپل راجرسن چيو ته اهو سوچي سٺو لڳو ته ڪو ناقابل يقين حد تائين تربيت يافته آهي جيڪو اوهان کي فيصلي ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو، هن چيو ته ان جو مطلب اهو ناهي ته اوهان ماڻهن کان ڪڏهن مشورو نه وٺو، يقينن اوهان ايئن ڪريو ٿا، اهو ڄاڻي وڏو سڪون ۽ اطمينان بخش ٿئي ٿو ته اوهان کي ڪنهن کي فون ڪرڻ يا ڪنهن کي پريشان ڪرڻ جي ضرورت ناهي.
برطانيه ۾ روبوٽ اسڪول جو پرنسپال مقرر
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی