اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) پاڪس??ان ۽ روس سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف جي وچ ۾ مبا??ڪب??د وارن خطن جي مٽاسٽا ٿي. پرڏيهي وزارت جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪس??ان ۽ روس جي وچ ۾ گڏيل خيرسگالي ۽ اعتماد تي ٻڌل ويجها ۽ گهڻ رخا لاڳاپا آهن. ٻطرفن لاڳاپن ۾ اقتصادي، توانائي ۽ سلامتي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون نمايان آهي. ٻئي ملڪ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن ت?? مختلف گهڻ رخي فورمن ت?? پڻ مشاورت جو حصو آهن. پاڪس??ان ۽ روس جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا پهرين مئي 1948ع تي قائم ٿيا.
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز