اسلام آباد – 07 – ن??مب?? (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 11 ن??مب?? تي رياض ۾ منعقد ٿيندڙ ٻي گڏيل اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب وين??و. ??ها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته سربراهي اجلاس کان اڳ 10 ن??مب?? تي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو اجلاس ٿيندو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ??ار پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪن??و. ??رجمان چيو ته سربراهي اجلاس طلب ڪرڻ جي لاءِ اڳرائي سعودي عرب جي حڪومت ڪئي آهي جنهن ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. اها غزه ۽ ٻين والاريل علائقن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ رياض ۾ 11 ن??مب?? 2023ع تي ٿيندڙ گڏيل عرب اسلامي غيرمعمولي سربراهي ڪانفرنس جو فالو اپ هوندو. ملڪي سربراهن ۽ حڪومتن ۽ عرب ليگ ۽ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي اعليٰ عملدارن جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت متوقع آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته وزيراعظم سربراهي اجلاس ۾ فلسطيني ڪاز جي لاءِ پاڪستان ج?? مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪندو، هو غزه ۾ نسل ڪشيءَ جي فوري خاتمي، فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ خطي ۾ جاري اسرائيلي مهم جوئي کي فوري طور تي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪندو جيڪو وچ اوڀر جي ملڪن جي سلامتي کي خطري ۾ وجهي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام کي عالمي تحفظ فراهم ڪ??ڻ ۽ 4 جون 1967ع جي سرحدن تي ٻڌل فلسطين جي هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هُجي، تي پڻ زور ڏين??و. ??رجمان چيو ته سربراهي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم جي عرب ليگ ۽ او آءِ سي جي ٻين ميمبر ملڪن جي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون متوقع آهن.
وزيراعظم 11 نومبر تي رياض ۾ منعقد ٿيندڙ ٻي گڏيل اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب ويندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ