اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نوجوانن جي ذهني صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ ملڪ جي خوشحالي جي ل??ءِ انهن جي جديد خيالن مان فائدو کڻڻ جي ل??ءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ نيشنل يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي (نيوٽيڪ) جي اهتمام هيٺ اسپائر پاڪستان جي تعاون سان نيشنل آئيڊيا بئنڪ (اين آءِ بي) جي ٽئين ايڊيشن جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪن??ي ڪيو. تقريب ۾ تعليمي ماهرن ۽ واپاري برادري جي نمائندن شرڪت ڪئي. هن چيو ته پاڪستاني نوجوان تمام گهڻين صلاحيتن، شاندار ذهن ۽ روشن خيالن جا مالڪ آهن جڏهن ته انهن کي پنهنجي خيالن کي چٽاڀيٽي ۽ معياري مصنوعات ۾ تبديل ڪرڻ جي ل??ءِ هڪ مناسب پليٽ فارم جي ضرورت آهي ته جيئن ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ آمدني واپار کي گهٽ ڪري سگهجي. صدر جدت ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي اهميت کي اجاگر ڪن??ي چيو ته هو علم تي ٻڌل معيشت کي فروغ ڏيڻ جو زبردست حامي آهي. هن سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ل??ءِ نيشنل آئيڊيا بئنڪ جهڙن فورمز جي ذريعي ٽيلنٽ هنٽنگ جي ضرورت تي زور ڏيندي اين آءِ بي جي ڪردار کي ساراهيو جيڪو ملڪ جي روشن ۽ خوشحال مستقبل ۾ تبديلي جي ل??ءِ اهم ڪردار ادا ڪن??و. صدر چيو ته ملڪي ترقي جي ل??ءِ جديد ۽ فني حل کي وقت سر اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هو ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي انٽرنيٽ ووٽنگ جي ذريعي ووٽ جو حق ڏيڻ سان گڏوگڏ پاڪستان جي چونڊ عمل ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) جي استعمال جي وڪالت ڪن??و رهيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نظام تي اشرافيه جي پڪڙ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن رڳو اشرافيه جي مفادن جو تحفظ ڪيو ۽ اها اهم سماجي ۽ اقتصادي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام رهي. صدر ان ڏس ۾ 26 ملين کان وڌيڪ اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي تعليم جو خاص طور تي ذڪر ڪيو جن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن غذائي کوٽ ۽ اسٽنٽنگ سان گڏوگڏ نئين ڄاول ٻارن جي موت جي شرح جهڙن مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر ذاتي مفادن تي ٻڌل موجوده عالمي نظام کي تنقيد جو نشانو بڻايو جيڪو غزه ۾ جاري اسرائيلي ظلمن کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. اسپائر جي چيئرپرسن حسن سيد شرڪت ڪن??ڙن کي نيشنل آئيڊيا بئنڪ بابت آگاهه ڪن??ي چيو ته هو جدت، تخليقي صلاحيتن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي پليٽ فار طور تي بهترين ذهني صلاحيت، ڪاروباري ۽ سُلجهيل ماڻهن کي گڏ ڪري پاڪستان جي مستقبل جي جوڙجڪ جي ل??ءِ اهم خيالن ۽ قدمن کي ڳولي سگهي ٿو. نيوٽيڪ جي ريڪٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) معظم اعجاز چيو ته اين آءِ بي نوجوانن کي پنهنجي جديد آئيڊياز کي ڪامياب مصنوعات ۾ تبديل ڪرڻ جي ل??ءِ هڪ بهترين پليٽ فار فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته نوجوانن کي تربيت ۽ رهنمائي ڏيڻ جي ل??ءِ يونيورسٽين، مارڪيٽن، ڪاروبارن ۽ مقامي صنعتن جو تعاون ضروري آهي. پراجيڪٽ ڊائريڪٽر شهزانه ميمڻ ان موقعي تي خطاب ڪن??ي چيو ته نيشنل آئيڊيا بئنڪ پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين 6 هزار کان وڌيڪ ڪاروباري آئيڊياز کي فروغ ڏنو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ 40 کان وڌيڪ مقامي اسٽارٽ اپس قائم ٿي چڪا آهن. هن ٻڌايو ته نيشنل آئيڊيا بئنڪ جي ٽئين سيزن ۾ اٽڪل 2400 آئيڊياز مليا جن مان 67 آئيڊياز کي قومي سطح جي فاتح طور تي چونڊيو ويو آهي. صدر تقريب ۾ اين آءِ بي سيزن ٿري جي فائنل ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪن??ڙن کي شيلڊز سان پڻ نوازيو.
نوجوانن جي جديد خيالن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز