اسلام آباد – 07 – ??سمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تيز ۽ پائيدار ملڪي ترقي جي لاءِ فڪري ۽ تعل??مي ترقي تي ڌيان ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته شاگرد هنرمندي، آن لا??ين ۽ فاصلاتي تعليم مان ڀرپور فائدو کڻن، شاگرد انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت جي شعبي تي خاص ڌيان ڏين. هو بلوچستان ريزيڊنشل ڪاليج لورالائي جي تعل??مي دوري تي آيل شاگردن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قدرتي وسيلن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ انساني وسيلن تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، بلوچستان جي انساني وسيلن جي ترقي تي ڌيان سان ئي تيز رفتار ترقي ممڪن آهي. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جو هر شعبي ۾ استعمال وڌي رهيو آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي فروغ سان پاڪستان مختصر مدي ۾ معاشي ترقي ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته بلوچستان جا شاگرد محنت ۽ لگن سان علم حاصل ڪن، شاگرد نصاب کانسواءِ ڪتاب پڙهڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏين، ماضي ۾ علم حاصل ڪرڻ مشڪل هو، جديد ٽيڪنالاجي سان علم تا??ين پهچ وڌي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بلوچستان قدرتي وسيلن جي دولت سان مالامال آهي، ترقي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وفد صدر کي بلوچستان جي تعل??مي شعبي ۾ ڪاليج جي خدمتن بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ڪاليج جا فارغ ٿيندڙ سوين شاگرد طب، انجنيئرنگ?? سول سروس، دفاع، قانون ۽ ڪاروبار سميت مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. صدر بلوچستان ۾ تعليم جي فروغ ۾ ڪاليج جي ڪردار کي ساراهيو.
شاگرد هنرمندي، آن لائين ۽ فاصلاتي تعليم مان ڀرپور فائدو کڻن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی