ڪراچي – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آه?? ته آئين تحت ملڪ کي ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، نگران حڪومت جي انتظامي قدمن سان ڊالر جي قيمت گهٽ ٿي آه?? جنهن جو اثر پيٽروليم مصنوعات جي خريداري تي پڻ پوي ٿو، اميد آه?? ايندڙ ڏينهن ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿيندي، بجلي چوري جي خلاف قدمن سان اٽڪل 8 ارب رپين جون وصوليون ٿيون آه??، آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت آزاداڻيون، منصفاڻيون، شفاف ۽ غير??ان??داراڻيون چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن وٽ آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب جي دوري جي موقعي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر محمد عاصم کچي پڻ موجود هو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته ڪراچي پريس ڪلب منهنجو پراڻو گهر آه?? جيڪو جمهوريت جي ارتقا ۾ هڪ اهم مورچو رهيو آه??. هن چيو ته ڪراچي پريس ڪلب جي هڪ تاريخي حيثيت آه??، فڪر، علم ۽ دانش جي آزادي ۽ عوام جي حڪمراني جي حق ۾ ڪراچي پريس ڪلب جو ڪردار ساراهه جوڳو آه??، آمريت جي دور ۾ به ڪراچي پريس ڪلب تان جمهوريت جي لاءِ مضبوط آواز اڀريو، اڄ به پاڪستان جا پورهيت، مظلوم عوام پنهنجو ڏک درد ٻڌائڻ ڪراچي پريس ڪلب اچن ٿا. مرتضيٰ سولنگي چيو ته صحافين جي مسئلن کان آگاهه آه??ان، انهن جي نوڪرين بابت مسئلا موجود آه??. هن چيو ته موجوده نگران حڪومت آئين جي آرٽيڪل 224 تحت هڪ آئيني ۽ قانوني حڪومت آه??، اسان جي دور ۾ صحافين سان ناانصافي نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ پرنسپل انفارميشن آفيسر سان گڏجي قدم کنيا ويندا. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن جنوري جي آخري هفتي ۾ چونڊون منعقد ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آه??، اليڪشن ڪميشن بااختيار آئيني ادارو آه??، ان جي ذميواري آه?? ته ملڪ جي اندر آزاداڻيون، شفاف ۽ غير??ان??دراڻيون چونڊون منعقد ڪرائي. هن چيو ته نگران حڪومت اليڪشن ڪميشن جي هر طرح جي مدد ڪندي ۽ اليڪشن ڪميشن جون سموريون ضرورتون پوريون ڪيون وينديون. هن چيو ته عام چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردا?? ادا ڪنداسين، 30 نومبر تائين تڪبنديون مڪمل ٿي وينديون، ان کانپوءِ چونڊن جي حتمي تاريخ به ڏني ويندي. پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن بابت سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جو تعين عالمي مارڪيٽ ۾ موجود قيمتن سان ٿئي ٿو، موجوده نگران حڪومت جي انتظامي قدمن جي ڪري ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي آه?? جنهن جو اثر پيٽروليم مصنوعات جي خريداري تي پڻ پوي ٿو، اميد آه?? ته ايندڙ ڏينهن ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿيندي. ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي پگهارن جي عدم ادائيگي بابت سوال تي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته جيڪي ميڊ??ا هائوسز پنهنجي ملازمن کي پگها?? ادا نه ڪندا انهن کي سرڪاري اشتهار جاري نه ڪيا ويندا. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته بجلي چوري جي مد ۾ اٽڪل 8 ارب رپين جون وصوليون ٿيون آه??، بجلي چوري جي ڪري ٻين صارفين تي بار پوي ٿو، ان نظام کي صحيح ڪرڻ جي ضرورت آه??. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي اليڪشن ڪميشن جي حوالي سان خدشا آه?? ته ان جي لاءِ قانون ۽ عوام جون عدالتون کليل آه??. اسان جو اختيار ۽ مدو محدود آه??، اسان ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان پنهنجي حلف جي پاسداري ڪنداسين. چونڊن دوران پاڪستان جي سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي برابر موقعا فراهم ڪيا ويندا.
آئين تحت ملڪ کي ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، نگران حڪومت جي انتظامي قدمن سان ڊالر جي قيمت گهٽ ٿي آهي جنهن جو اثر پيٽروليم مصنوعات جي خريداري تي پڻ پوي ٿو، اميد آهي ايندڙ ڏينهن ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿيندي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ