اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ شهرين جا عدالت کان مٿانهان قتل کي بند ڪري ۽ ڪشميري ??وام جي خلاف طاقت جي انڌاڌند اس??عمال کان پاسو ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته هن عيد تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اس??ن جي ڀينرن ڀائرن کي هڪ ڀيرو ٻيهر عيد جي خوشين ۾ شرڪت کان روڪيو ويو. هن چيو ته قابض عملدارن سرينگر جي تاريخي جامع مسجد ۽ مرڪزي عيدگاهه ۾ عيد جي نماز جي ادائيگي تي پابندي لڳائي ڇڏي، جامع مسجد جي مهتمم ۽ ناليوارو ڪشميري ??ڳواڻ مير واعظ عمر فاروق آگسٽ 2019ع کان مسلسل گهر ۾ نظربند آهي ۽ هو 200 کان وڌيڪ هفتن کان جامع مسجد ۾ جمعي جي اجتماعن کي خطاب نه ڪري ??گهيو. ترجمان چيو ته اس??ن ڀارتي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته مير واعظ عمر فاروق کي آزاد ڪيو وڃ?? ۽ ڪشميرين تي هنيل انهن پابندين کي ختم ڪيو وڃ?? جيڪي انهن کي آزادي سان پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ کان روڪين ٿيون. ترجمان چيو ته هلندڙ هفتي اس??ن ڪشميري نوجوان اڳواڻ برهان مظفر واني کي پڻ ياد ڪريون ٿا، جنهن جي ستين ورسيءَ 8 جو??اءِ تي ملهائي ويندي. برهان واني انهن سوين ڪشميري نوجوانن مان هڪ هو جيڪو ڀارتي قابض فوج جي هٿان عدالت کان مٿانهون قتل جو ن??ان?? بڻيو. هن چيو ته ڪشميري ??وام جي مقامي تحريڪ آزادي جي آواز جي طور تي ان کي خراج عقيدت پيش ڪندي اس??ن هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها عدالت کان مٿانهان قتل بند ڪري ۽ ڪشميري ??وام جي خلاف طاقت جي انڌانڌند اس??عمال کان پاسو ڪري.
پاڪستان پاران هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي حڪومت کان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ شهرين جا عدالت کان مٿانهان قتل بند ڪرڻ ۽ ڪشميري عوام جي خلاف طاقت جي انڌاڌند استعمال کان پاسو ڪرڻ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ