لاهور – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف ناڻي واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ قومي ??يئرلائين جي نئين سر تنظيم سازي، سڌارن ۽ بحالي جي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ڇڏي، ڪميٽي عيد کانپوءِ پي آءِ اي جي حوالي سان پنهنجون تجويزون ۽ سفارشون ڪابينا کي پيش ڪندي جڏهن ته ??زيراعظم چيو آهي ته گذريل حڪومت جي نااهلي جي ڪري قومي ??يئرلائين کي اربين رپين جو نقصان ٿيو ۽ ان جي نااهل وزيرن عالمي ??يڙپڪارن، چيني ڪمپنين ۽ ترڪ ڪاروباري ماڻهن کي انتقام جو نشانو بڻايو، قومي ??يئرلائين کي خساري مان ڪڍڻ جي لاءِ سڌارا لازمي ??هن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي وزيرخواجه سعد رفيق وزيراعظم کي پي آءِ اي جي بهتري لاءِ تجويز ڪيل روڊ ميپ ۽ سڌارن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ??ومي ??يئرلائين کي موجوده بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ ٻيڙي ۾ جهازن جو انگ 27 کان وڌائي 49 ڪرڻو پوندو. وزيراعظم ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي وزير جي پي آءِ اي بابت ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته ??ومي ??يئرلائين خساري مان نڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت جي غيرذميواراڻي بيانن جي ڪري قومي ??يئرلائين يورپ ۽ آمريڪا جا فضائي رستا وڃائي ڇڏيا، گذريل حڪومت جي ان نااهلي جي ڪري قومي ??يئرلائين کي اربين رپين جو نقصان ٿيو، گذريل حڪومت جي نااهل وزيرن عالمي ??يڙپڪارن، چيني ڪمپنين ۽ ترڪ ڪاروباري ماڻهن کي انتقام جو نشانو بڻايو. هن چيو ته ??ي آءِ اي انهي صورت ۾ ترقي ڪري سگهي ٿو ته ان کي نج منافعي ۽ نقصان جي بنياد تي پيشيور انتظامي ماهر هلائين، قومي ??يئرلائين کي خساري مان ڪڍڻ جي لاءِ سڌارا لازمي ??هن. هن چيو ته حڪومت اهڙو پاليسي نظام کڻي اچڻ طرف قدم وڌائي رهي آهي جتي حڪومت جو ڪم رڳو پاليسي فيصلا ۽ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن ۽ ڪمپنين کي سهولت فراهم ڪرڻ هوندو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن خواجه سعد رفيق، اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته ??فاقي وزير سيد نويد قمر، مح??د اسحاق ڊار، احسن اقبال، خاص معاون مح??د جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل عملدار وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ وزيراعظم پي آءِ اي جي نئين سر تنظيم سازي، سڌارن ۽ بحالي جي حوالي سان هڪ ڪميٽي جوڙي جنهن جي ميمبرن ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، خاص معاون جهانزيب خان ۽ ايوي ايشن جو سيڪريٽري شامل هوندا. اها ڪميٽي اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ پي آءِ اي جي نئين سر تنظيم سازي ۽ بحالي جي حوالي سان مختلف آپشنز جو جائزو وٺندي ۽ ان حوالي سان پنهنجون سفارشون عيد کانپوءِ ڪابينا ۾ پيش ڪندي.
وزيراعظم پاران ناڻي واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ قومي ايئرلائين جي نئين سر تنظيم سازي، سڌارن ۽ بحالي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب