اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته اتحادي حڪومت جي هڪ سا?? جي ڪارڪردگي ڪاميابي جي سفر سا?? لکيل آهي جنهن دوران پاڪستان جي ساک بحال ٿي ۽ ملڪ کي درپيش ڏکئي معاشي ۽ توانائي جي چئلينجز تي ضابطو آندو ويو، مختلف منشور رکندڙ سياسي پارٽين جو گڏيل قومي مقصد جي لاءِ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ ملڪ جي سياسي ارتقا ۾ هڪ اهم اڳڀرائي جي عڪاس ۽ مفاهمت جي سياست جو آئينه دار آهي. موجوده حڪومت جو هڪ سا?? پورو ٿيڻ تي معيشت، توانائي، سفارتڪاري، مواصلات ۽ ماحوليات سميت مختلف شعبن ۾ حڪومتي ڪارڪردگي جي حوالي سا?? پنهنجي ڪيترن ئي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم ??يو ته اڄ اتحادي حڪومت جو هڪ سا?? مڪمل ٿي رهيو آهي جڏهن مون وزارت عظميٰ جو حلف کنيو، منهنجي نقطه نظر سا?? هي سا?? وڏن چئلينجز ۽ مشڪلاتن جو سا?? هو، عمران نيازي جي حڪومت جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ رڳو ان حوالي سا?? بي مثال نه هئي ته پي ڊي ايم اقتدار ۾ آئي پر ا?? لاءِ ته پاڪستان جي اٽڪل سموريون سياسي قوتون پارليامينٽ جي فورم کي استعمال ڪندي آئيني ذريعن سا?? غيرمقبول حڪومت کي ووٽ جي طاقت جي ذريعي هٽائڻ جي لاءِ گڏ ٿي. هن ??يو ته مختلف منشور رکندڙ سياسي پارٽين جو گڏيل قومي مقصد جي لاءِ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ ملڪ جي سياسي ارتقا ۾ هڪ اهم اڳڀرائي جي عڪاسي ڪري ٿو. هن ??يو ته اپريل 2022ع کانپوءِ جو دور ڇڪتاڻ ۽ انتقام بدران مفاهمت ۽ تعاون جي نئين سياست جو آئينه دار آهي. هن ??يو ته عمران خان پاران وڇايل اقتصادي سرنگهن ۽ عالمي سطح تي پيٽروليم مصنوعات ۽ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ لاهن چاڙهن جي باوجود پاڪستان جي معيشت بدستور جاري آهي ۽ ڊيفالٽ جون سموريون اڳڪٿيون غلط ثابت ٿيون، معيشت جي بحالي لاءِ مخلصاڻيون ڪوششون جاري آهن. وزيراعظم ??يو ته اتحادي حڪومت نيازي حڪومت دور ۾ پاڪستان جي سفارتي لاڳاپن کي پهچايل نقصانن جي ازالي ۽ نئين سر جوڙجڪ سا?? گڏوگڏ انهن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم ??يو ته اسان عوام کي اهو ٻڌائي سگهون ٿا ته گذريل هڪ سا?? دوران اسان هڪ حصيدار ۽ دوست طور پاڪستان جي ساک قائم ڪرڻ ۾ وڏي حد تائين ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. وزيراعظم ??يو ته پاڪستان کي گذريل سا?? بدترين ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو، حڪومت ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فيصل??ئت?? انداز ۾ بچاءُ، ريليف ۽ بحالي جون ڪوششون ڪيون، لکين متاثرين کي سماجي تحفظ فراهم ڪيو ۽ عالمي برادري کي متحرڪ ڪيو، انهن قدمن کي دنيا ساراهيو آهي. وزيراعظم ??يو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ جي بنيادي ڍانچي جي تعمير تحت حڪومت گذريل سا?? اپريل ۾ پنهنجي قيام کانپوءِ کان اسلام آباد ۾ ترقياتي ۽ ٽرانسپورٽ جي بنيادي ڍانچي جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏنو آهي جنهن جو مقصد شهرين کي چرپر ۾ آساني، آرامده ۽ سستي سهولت جي فراهمي آهي. وزيراعظم ??يو ته گذريل هڪ سا?? دوران اسان شهرين کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ انرجي مڪس جي لاءِ ڪوششون استعمال ۾ آنديون آهن ۽ ان سلسلي ۾ شمسي، هائيڊل ۽ ڪوئلي سا?? بجلي جي منصوبن تي ڌيان ڏيڻ جو مقصد بجلي پيدا ڪرڻ جي مهانگي ذريعن کي سستي منصوبن ۾ بدلائڻ آهي. وزيراعظم ??يو ته عالمي سطح تي مهانگائي عوام کي بري طرح متاثر ڪيو آهي، جيو اسٽريٽجڪ مخاصمت، ٻارڻ ۽ غذائي جنسن جي قيمتن ۾ اضافي ۽ بدترين ٻوڏ موجوده مهانگائي جا ڪجهه عمل آهن، انهن مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي حڪومت سماجي تحفظ جي نيٽ کي سگهه ڏني ۽ ٽارگيٽيڊ سبسڊي مهيا ڪئي. هن ??يو ته پي ڊي ايم جي حڪومت ۾ پاڪستان فيٽف جي گري لسٽ مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، اهو بهترين بين الوزارتي رابطاڪاري ۽ اسان جي عسڪري قيادت پاران ڏني ويندڙ حمايت جي ڪري ممڪن ٿيو، اهو هڪ ڊگهو سفر هو پر مسلسل ڪوششن ان کي ممڪن بڻايو. وزيراعظم ??يو ته حڪومت عالمي سطح تي پاڪستان جو ڪيس پيش ڪرڻ جي لاءِ موسمياتي سفارتڪاري جو استعمال ڪيو، جي 77 پلس چائنا جي صدر جي حيثيت سا?? اسان لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ ۾ مددگار رهياسين، جنيوا ۾ ڪانفرنس ۾ 19 ارب ڊالر جا اعلان اسان جي ڪامياب سفارتڪاري جو ثبوت آهي.
اتحادي حڪومت جي هڪ سال جي ڪارڪردگي ڪاميابي جي سفر سان لکيل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر