اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪس??ان شرم الشيخ ڪانفرنس ۾ آ??تن سان ٿيندڙ زيان ۽ نقصان جي ايجنڊا کي مو??ر طريقي سان اجاگر ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جو قيام عمل ۾ آ??و، اهو هڪ تاريخي قدم آهي، پاڪس??ان جو ڪيس مو??مياتي انصاف آهي خيرات نه آهي، ترقي يافته ملڪن پاران ماحولياتي تبديلين جي چئلينج کي قبول ڪرڻ خوش آئ??ده آهي، جڏهن ته ان ڏس ۾ ڪيل واعدن کي عملي شڪل ڏيڻ ضروري هوندو. هو شرم الشيخ ۾ ٿيندڙ ڪوپ 27 ڪانفرنس دوران پاڪس??ان جي ڪامياب مو??مياتي سفارتڪاري تي لاڳاپيل ادارن ۽ عالمي حصيدارن جي ڪوششن کي ساراهڻ جي لاءِ منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪس??ان کي تازي ٻوڏ سان تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا، 1800 فوتگيون ٿيون جڏهن ته زراعت، صنعت، لائيو اسٽاڪ، انفراسٽرڪچر سميت 30 ارب ڊالر جي نقصان جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. هن چيو ته پاڪس??ان جي ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪندڙ سمورن ملڪن جا ٿورا مڃون ٿا، مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ڪئي ويندڙ مدد سدائين ياد رکي ويندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستانجي اندر به سرندي وارن ۽ فلاحي ادارن متاثرين جي دل کولي مدد ڪئي، اهڙي طرح سمورين صوبائي حڪومتن خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچس??ان جي حڪومتن متاثرين جي ڀرپور مدد ڪئي. هن نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي صوبائي ادارن جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو، مو??مياتي تبديلي واري وزير شيري رحمان ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ڪوپ 27 جي عالمي فورم تي پاڪس??ان جو موقف اجاگر ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته مو??مياتي تبديلي جي ڪري برساتن سان پاڪس??ان ۾ تمام گهڻي تباهي ٿي جڏهن ته مو??مياتي تبديلين جو سبب بڻجندڙ گئسن جي اخراج ۾ پاڪس??ان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، اسان جي خواهش ۽ دعا آهي ته جيڪو پاڪس??ان ۾ ٿيو اهو ڪنهن ٻئي ملڪ سان نه ٿئي جڏهن ته اها تلخ حقيقت آهي ته مو??مياتي تبديلين جي اثرن ۽ ان جي نتيجن ۾ رونما ٿيندڙ آفتون سرحدن جون پابند نه آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اهو پهريون ڀيرو ٿيو جو پاڪس??ان جو آواز عالمي سطح تي ٻڌو ويو ۽ ان جي ڪوششن جي ڪري لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جو قيام عمل ۾ آ??و، ان حوالي سان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ۽ ماحولياتي تبديلين واري وزير شيري رحمان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪس??ان جو ڪيس مو??مياتي انصاف جو آهي خيرات جو نه آهي. هن چيو ته اها ڳالهه خوش آئ??ده آهي ته ترقي يافته دنيا مو??مياتي تبديلي جي چئلينج جي اهميت کي تسليم ڪيو آهي ۽ شرم الشيخ ۾ شاندار معاهدو طئي ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جو قيام عمل ۾ آ??دو ويو جڏهن ته معاهدن تي عملدرآمد جي وڌيڪ اهميت هوندي ان موقعي تي وزيراعظم شرم الشيخ ۾ ڪامياب سفارتڪاري تي لاڳاپيل وزارتن ۽ عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي مو??مياتي تبديلي واري وزارت پاران پاڪس??ان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين، امدادي سرگرمين، وزيراعظم، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ وفاقي ڪابينا جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دورن بابت ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري وئي.
پاڪستان شرم الشيخ ڪانفرنس ۾ آفتن سان ٿيندڙ زيان ۽ نقصان جي ايجنڊا کي موثر طريقي سان اجاگر ڪيو، لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جو قيام تاريخي قدم آهي، پاڪستان جو ڪيس موسمياتي انصاف آهي خيرات نه آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن