اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي مو??مينٽ جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ متحده جي وفد وفاقي حڪومت جي ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو ۽ بحالي جي قدمن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ تفصيلي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي. متحده قومي مو??مينٽ پاڪستان جو ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ وفد ۾ سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير فيصل سبزواري، سنڌ جو گورنر محمد ڪامران خان ٽيسوري ۽ وسيم اختر شامل هئا. ان مو??عي تي اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صا??ق، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ?? ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق پڻ موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز