اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته موسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ جي ڪري گليشيئرز جي پگهرڻ جي رفتار تيز ٿي، گلگت بلتستان ۾ سياحت ۽ معدنيات جي شعبن ۾ ترقي جا وسيع مو??عا موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي صورتحال، گلگت بلتستان ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي بلتستان يونيو??سٽ?? ۾ وائيس چانسلر جي مستقل مقرري تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صدر عارف علوي چيو ته يونيو??سٽ?? گلگت بتلستان جي ماڻهن کي اعليٰ تعليم جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، يونيو??سٽ?? کي درپيش مشڪلاتن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻوڏ ملڪ جي سمورن حصن کي متاثر ڪيو، موسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ جي ڪري گليشيئرز پگهرڻ جي رفتار تيز ٿي، گلگت بلتستان جو خطو موسمياتي تبديلين جي ڪري خصوصي طور تي متاثر ٿيو. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ سياحت ۽ معدنيات جي شعبن ۾ ترقي جا وسيع مو??عا موجود آهن.
موسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ جي ڪري گليشيئرز جي پگهرڻ جي رفتار تيز ٿي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ