اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ??ميٽي (اي سي سي) ڪي اليڪٽر?? جي لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 0.571 رپيا اضافو، آر ايل اين جي تي هلندڙ پاور پلانٽس کي ادائيگين جي مد ۾ 17 ارب رپيا ۽ وزيراعظم جي مددي پئڪيج تحت اسلام آباد پوليس جي شهيدن جي خاندانن جي معاونت لاءِ 1224.41 ملين رپين جي ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس ۾ ڪيترين ئي وزارتن ۽ ڊويزنن جي لاءِ فني/ ضم??ي مالياتي گرانٽس جي منظوري پڻ ڏني وئي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ??ميٽي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل جي صدارت ۾ ناڻي واري وزارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، واپار واري وفاقي وزير سيد نو??د قمر، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير سيد مرتضيٰ محمود، ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث بخش پاشا، وفاقي سيڪريٽرين، ايف بي آر چيئرمين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. توانائي واري وزارت پاران بجلي جي شعبي لاءِ ٽيرف کي معقول بڻائڻ بابت سمري پيش ڪئي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيشنل اليڪٽريسٽي پاليسي 2021ع موجب حڪومت ڪي اليڪٽرڪ ۽ ٻين سرڪاري ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي صارفين جي لاءِ هڪ جهڙو ٽيرف برقرار رکندي. انهي جي تسلسل ۾ ڪي اليڪٽر?? جي ٽيرف کي معقول بڻائڻ ضروري آهي. اقتصادي رابطا ??ميٽي ٽن مهينن جي ريڪوري مدي لاءِ ڪي اليڪٽر?? جي لاءِ في يونٽ 0.571 رپيا اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڌيڪ اهو ته نيپرا آڪٽوبر کان ڊسمبر 2021ع جي ته ماهي جي لاءِ نظرثاني ٿيل ٽيرف شيڊيول جاري ڪندي. اجلاس ۾ پاور ڊويزن پاران حڪومتي ملڪيتي پاور پلانٽس کي ادائيگين بابت سمري پيش ڪئي وئي. اقتصادي رابطا ??ميٽي جاري مالي سال جي لاءِ ان ڏس ۾ 17 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. هي فنڊز آر ايل اين جي تي هلندڙ پاور پلانٽس (حويلي بهادر شاهه، بيڪي ۽ بلوڪي) کي ادا ڪيا ويندا ته جيئن انهن پاور پلانٽس کي ڪيش جي مسئلن کي منهن نه ڏيڻو پوي. اجلاس ۾ توانائي واري وزارت (پاور ڊويزن) پاران ڪي اليڪٽر?? جي ٽه ماهي ٽيرف ايڊجسٽمينٽ ۽ ان جي مالي اثرن بابت هڪ سمري پيش ڪئي وئي. اي سي سي تفصيلي بحث کانپوءِ دستياب 36.94 ارب رپيا بطور ايڊوائيس سبسڊي استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. اهي فنڊز سي پي اي – جي کي منتقل ٿيندا. اقتصادي رابطا ??ميٽي وزيراعظم جي معاونتي پئڪيج تحت اسلام آباد پوليس جي شهيدن جي خاندانن جي معاونت لاءِ 1224.41 ملين رپين جي ضمني گرانٽ جي منظوري پڻ ڏني. هڪ سال تائين جي عمر جي ٻارن کي بيمارين کان محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ويڪسين جي قومي پروگرام کي سگهه ڏيڻ جي ڏس ۾ اي سي سي اميونائيزيشن بابت وفاقي ڊائريڪٽوريٽ جي لاءِ 6133.31 ملين رپيا فراهم ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني. اقتصادي رابطا ??ميٽي والاريل ڪشمير جي پناهگيرن جي آبادڪاري جي لاءِ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزار?? جي لاءِ 3096.05 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي، اهي فنڊز آزاد ڪشمير کي منتقل ٿيندا. منسٽر انڪليو اسلام آباد ۾ تعمير ۽ مرم?? جي لاءِ فنڊز جي فراهمي بابت سمري کي اقتصادي رابطا ??ميٽي رد ڪري ڇڏيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اڳوڻي حڪومت 19 – 2018ع ۾ منسٽر انڪليو ۾ تعمير ۽ مرم?? جي ڪمن تي 87.5 ملين رپيا، 20 – 2019ع ۾ 4.8 ملين رپيا ۽ 21 – 2020ع ۾ 50 ملين رپيا خرچ ڪيا آهن. اي سي سي ڪفايت شعاري جي قدمن تحت منسٽر انڪليو ۾ تعمير ۽ مرم?? جي لاءِ فنڊز جاري ڪرڻ بابت سمري رد ڪري ڇڏي. اجلاس ۾ گهرو وزار?? جي لاءِ 5891.9 ملين رپيا، آءِ پي پيز کي ادائيگي جي لاءِ پاور ڊويزن کي 96.13 ارب رپيا، اين سي او سي جي تشهيري مهم جي لاءِ 40 ملين رپيا، ڪابينا ڊويزن جي لاءِ 125.8 ملين رپيا، پرڏيهي وزار?? جي لاءِ 3750 ملين رپيا، آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري وزار?? جي لاءِ 379 ملين رپيا ۽ پاڪستان ريلوي جي لاءِ 5 ارب رپين جي ضمني ۽ فني ضمني گرانٽس جي پڻ منظوري ڏني وئي.
ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل جي صدارت ۾ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش