اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڀارت جي ح??مران پارٽي بي جي پي جي عهديدارن جي توهين آميز ريمارڪس ۽ ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا جي حوالي سان گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري اينتونيوگوتريس سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، پرڏيهي ??في?? جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري کي ڀارت ۾ جاري اسلامو فوبيا قدمن خاص طور تي ??ازو ئي حضور ﷺ جي باري ۾ بي جي پي جي ٻن سينئر عهديدارن پاران توهين آميز ريمارڪس کان آگاهه ڪيو، پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته اهڙي طرح ڄاڻي واڻي ڪيل اشتعال انگيزي سان سڄي دنيا جي اربين مسلمانن جي جذبن کي شديد ٺيس پهتو آهي، هن جنرل سيڪريٽري تي ??ور ڏنو ته هو ڀارت ۾ نفرت انگيز تقريرن ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر ۽ ان جي گستاخاڻي ريمارڪس جو نوٽيس وٺي، هن ڀارتي ??ملداران پاران پرامن مظاهرين سان روا رکيل ناروا سلوڪ جي به مذمت ڪئي جنهن ۾ مظاهرين جي گهرن کي غير قانوني طور تي ??لڊوز ڪرڻ به شامل آهي، جيڪي مسلمانن تي ??ي جي پي ۽ آر ايس ايس جي اتحاد پاران مسلسل ظلم ۽ ستم ج?? تازا قدم آهن، پرڏيهي وزير چيو ته بي جي پي عهديدارن جي توهين آميز ريمارڪس جي عالمي مذمت جي باوجود بي جي پي جي اعليٰ قيادت ۽ ڀارتي ??ڪومت پاران واضح طور تي ??ن جي مذمت نه ڪرڻ انتهائي مايوس ڪندڙ آهي. هن چيو ته بي جي پي ۽ آر ايس ايس پنهنجي اسلامو بڪ ڪارروايون جاري رکيون آهن ۽ هو پرامن عوامي احتجاج کي طاقت جي وحشياڻي ۽ انڌي استعمال سان دٻائي رهي آهي، پرڏيهي وزير نفرت انگيز تقريرن ۽ اسلامو فوبيا تي گڏيل قومن جي موقف ۽ گڏيل قومن جي تهذيبن بابت اتحاد (يو اين اي او سي) جي اعليٰ نمائندن جي بيان جو ذڪر ڪندي جنرل سيڪريٽري تي ??ور ڏنو ته هو اهڙن واقعن جو نوٽيس وٺي ۽ اسلامو فوبيا، زينو فوبيا ۽ ساڄي هٿ جي انتهاپسندي سان لاحق نئين ۽ اڀرندڙ خطري کي اجاگر ڪن، پرڏيهي وزير جنرل سيڪريٽري تي ??ور ڏنو ته هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. پرڏيهي وزير ۽ جنرل سيڪريٽري اسلامو فوبيا جو موثر طريقي سان مقابلو ڪرڻ لاءِ عالمي ڪوششن کي جامع ڪرڻ لاءِ رابطي ۾ رهڻ تي ??تفاق ڪيو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو ڀارت جي حڪمران پارٽي جي عهديدارن جي توهين آميز ريمارڪس ۽ ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا جي حوالي سان گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سان ٽيليفونڪ رابطو
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔