اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن ۽ اهم خدشن جي لاءِ پنهنجي مضبوط حمايت ۽ اعليٰ ترين سياسي سطح تي عملي تعاون سميت اسٽريٽجڪ رابطن کي گهرو ڪرڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته علائقائي ۽ عالمي تبديلين جي ڏس ۾ چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي اهميت اڃا به وڌي وئي آهي، ڌرين عوام جي ڀلائي ۽ مقامي ڪميونٽيز کي وڌ کان وڌ فائدو پهچائڻ جي لاءِ ترقياتي حڪمت عملين کي هم آهنگ ڪرڻ، سي پيڪ جي سمورن منصوبن کي محفوظ، هموار ۽ اعليٰ معيار سان اڳتي وڌڻ ۽ معيشت واپار، سيڙپڪاري، صنعت، زراعت، صحت ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جهڙن شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي پڪي عزم جو اظهار ڪيو آهي، ٻنهي ملڪن علائقائي ملڪن ۽ عالمي برادري تي دهشتگردي جي سمورين شڪلين سان وڙهڻ ۽ ان حوالي سان هم آهنگي پيدا ڪرڻ تي زور ڏيندي ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته ڪنهن کي به چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مضبوط ڀائيچاري کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. پاڪستان ۽ چين ان ??الهه کي به ورجايو آهي ته هڪ پرامن ۽ خوشحال ڏکڻ ايشيا سمورين ڌرين جي گڏيل مفاد ۾ آهي ۽ عالمي وبا، شين جي وڌندڙ قيمتن، موسمياتي تبديلين ۽ غربت جي ڪري خطي جي ماڻهن کي درپيش چئلينجن جي ڏس ۾ علائقائي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ پائيدار امن، استحڪام ۽ گڏيل خوشحالي جي هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سمورن حل طلب ??ڪر??رن کي حل ڪرڻ تمام ضروري آهي. چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ ??رڏ??هي وزير وانگ يي پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ ۾ شرڪت جي لاءِ ??رڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاران پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي. اها ڳالهه ??رڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي چين جي دوري جي پڄاڻي تي جاري ٿيندڙ 15 نقاطي پڌرنامي ۾ چئي وئي آهي. پڌرنامي موجب ??رڏ??هي وزير ڀٽو زرداري چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ ??رڏ??هي وزير وانگ يي جي دعوت تي ??رڏ??هي وزير جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ 21 کان 22 مئي تائين گوانگزو جو دورو ڪيو. اهو دورو چين پاڪستان سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 71 هين سالگرهه جي موقعي تي ٿيو آهي. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته دوري جي دوران ??ين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ ??رڏ??هي وزير وانگ يي ۽ ??رڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن سان ??ڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي گهرائي سان ??الهه ٻولهه ڪئي. پاڪ چين گڏيل اعتماد ۽ تعاون جي بهترين روايت موجب ڳالهه ٻولهه گرمجوشي ۽ دوستاڻي ماحول ۾ ٿي. ڌرين ان ??الهه تي اتفاق ڪيو ته علائقائي ۽ عالمي تبديلين جي ڏس ۾ چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي اهميت اڃا به وڌي وئي آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ۽ پائيدار اسٽريٽجڪ حصيدار طور چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ دوستي جو مضبوط رشتو قائم آهي جيڪو خطي ۽ ان ??ان ٻاهر امن ۽ استحڪام ۽ خوشحالي جو ذريعو آهي. ڳالهه ٻولهه ۾ ڌرين هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن ۽ اهم خدشن جي لاءِ پنهنجي مضبوط حمايت ۽ اعليٰ ترين سياسي سطح تي عملي تعاون سميت اسٽريٽجڪ رابطن کي گهرو ڪرڻ جي عزم کي ورجايو، ڌرين گڏيل مستقبل جي نئين دور ۾ مضبوط چين پاڪستان ??ميونٽي جي تعمير جي عزم کي پڻ ورجايو. گڏيل پڌرنامي ۾ ڌرين چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصاي تعاون ۾ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان ??س ۾ ان ??الهه سان اتفاق ڪيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه سي پيڪ پاڪستان جي بنيادي ڍانچي کي موثر طريقي سان بهتر ڪيو ۽ ان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏنو آهي. ڌرين ماڻهن جي ڀلائي ۽ مقامي ڪميونٽيز کي وڌ کان وڌ فائدو پهچائڻ جي لاءِ ترقياتي حڪمت عملين کي هم آهنگ ڪرڻ، سي پيڪ جي سمورن منصوبن کي محفوظ، هموار ۽ اعليٰ معيار سان اڳتي وڌائڻ ۽ معيشت واپار، سيڙپڪاري، صنعت، زراعت، صحت ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جهڙن شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي پڪي عزم جو اظهار ڪيو. گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ڌرين گذريل سال رڪارڊ ٻطرفي واپار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چين پاڪستان آزاداڻي واپاري معاهدي جي ٻئي مرحلي جو وڌ کان وڌ استعمال ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ، پاڪستان ۾ روانگي واپار تي ٻڌل شعبن ۾ تعاون ۾ اضافي ۽ ويليو چينز کي ٺوس ڪرڻ سان ??ڏوگڏ پنهنجي واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ڌرين خدمتن جي شعبي ۾ مضبوط تعاون ۽ سياحت، تعليم، مالياتي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ مهارت ۽ صلاحيت ۾ بهتري سان پڻ اتفاق ڪيو. گڏيل پڌرنامي موجب ڌرين ٻطرفي دفاعي تعاون ۽ وفدن جي مٽاسٽا ۾ اضافي جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان ??الهه تي زور ڏنو ته چين پاڪستان دفاعي تعاون حقيقت ۾ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو عنصر آهي. ڌرين دهشتگردي کي انسانيت جو گڏيل دشمن قرار ڏنو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي يونيورسٽي جي ڪنفيوشسس انسٽيٽيوٽ تي دهشتگردي جي حملي جي سخت مذمت ڪئي. پاڪستان ان حملي جي جاچ کي تيز ڪرڻ، ڏوهارين جي ڳولا ۽ انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي ڪوششن جي عزم کي ورجايو. پاڪستان ??ين کي ملڪ ۾ سمورن چيني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. چين پنهنجي شهرين جي تحفظ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ساراهيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ سلامتي جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن علائقائي ملڪن ۽ عالمي برادري تي دهشتگردي جي سمورين شڪلين سان وڙهڻ ۽ ان حوالي سان هم آهنگي پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو. ڌرين ان عزم جو اظهار ڪيو ته ڪنهن کي به چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مضبوط ڀائيچاري کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. گڏيل پڌرنامي موجب روايتي ۽ غيرروايتي عالمي چئلينجن جي ڏس ۾ پاڪستان ۽ چين عالمي تعاون ۽ يڪجهتي جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. هنن نوٽ ڪيو ته سمورين ڌرين جي لاءِ هڪجهڙن ۽ گڏيل فائدن جي اصولن جي بنياد تي بيلٽ اينڊ روڊ قدم (بي آر آئي) عالمي تعاون جي لاءِ هڪ کليل ۽ ٺوس پليٽ فارم بڻجي ويو آهي ۽ عالمي سطح تي عوامي ڀلائي طور تي ان جي آجيان ??ئي وڃي ٿي. چين جو تجويز ڪيل گلوبل ڊيولپمينٽ انيشيٽو ۽ گلوبل سيڪيورٽي انيشيٽو انسانيت کي درپيش اهم چئلينجن جو جواب ڏيڻ جي لاءِ قدم آهي. گڏيل پڌرنامي موجب پاڪستان ۽ چين ترقي جي ايجنڊا تي ڌيان ??يڻ، سلامتي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ، پائيدار ترقي جي لاءِ گڏيل قومن جي 2030ع جي ايجنڊا کي لاڳو ڪرڻ ۽ بني نوع انسانيت جي گڏيل مستقبل ۽ هڪ ڪميونٽي جي تعمير جي لاءِ ٻين ملڪن سان ??ڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن. گڏيل پڌرنامي موجب ڌرين يوڪرين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ يوڪرين بحران جي خاص طور تي اسرندڙ ملڪن تي ان جي منفي اثرن کي روڪڻ جي لاءِ چوڪس رهڻ جي ضرورت تي روشني وڌي، پاڪستان ۽ چين بحران ۽ ??ڪر??ر جي لاڳاپيل ڌرين سان اختلافن ۽ ??ڪر??رن کي سفارتڪاري ۽ مڪالمي ذريعي حل ڪرڻ تي زور ڏنو. ڌرين گڏيل قومن جي مرڪزيت تي ٻڌل عالمي نظام، عالمي قانون تي ٻڌل عالمي نظم، گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن تحت عالمي لاڳاپن جي بنيادي اصولن کي برقرار رکڻ، حقيقي گهڻ رخي تي عمل ڪرڻ ۽ ان ??ي فروغ ڏيڻ جي پڪي عزم کي ورجايو. گڏيل پڌرنامي موجب ڌرين ان ??الهه تي زور ڏنو ته ايشيا پنهنجي ڀرپور تاريخ، تهذيبي ورثي ۽ وڌندڙ اقتصادي صلاحيت سان ??ڏ خطي ۽ ان ??ان ٻاهر امن، خوشحالي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ قائداڻو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ٻنهي ڌرين اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جا هدف حاصل ڪرڻ ۾ علائقائي ملڪ گڏيل احترام، برابري ۽ سڀني جي لاءِ هڪ جهڙو فائدو رکندڙ ايشيائي قدرن کي برقرار رکندي کليل ۽ ٺوس علائقائي ڍانچي جي تعمير ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي حفاظت ڪندا. گڏيل پڌرنامي موجب پاڪستان ۽ چين ان ??الهه کي ورجايو ته هڪ پرامن ۽ خوشحال ڏکڻ ايشيا سمورين ڌرين جي گڏيل مفاد ۾ آهي. عالمي وبا، شين جي وڌندڙ قيمتن، موسمياتي تبديلين ۽ غربت جي ڪري خطي جي ماڻهن کي درپيش چئلينجن جي ڏس ۾ علائقائي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ پائيدار امن، استحڪام ۽ گڏيل خوشحالي جي هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سمورن حل طلب ??ڪر??رن کي حل ڪرڻ تمام ضروري آهي. ??رڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيني قيادت کي ڄمون ۽ ڪشمير جي تازي ترين اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ٻنهي ڌرين گڏيل قومن جي چارٽر، سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ٻطرفن معاهدن جي بنياد تي ??ڪر??ر جي پرامن حل جي اهميت تي زور ڏنو. گڏيل پڌرنامي موجب پاڪستان ۽ چين افغانستان جي تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌرين اتفاق ڪيو ته علائقائي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لازمي آهي. ٻنهي ڌرين افغانستان جي عبوري حڪومت تي وسيع البنياد ۽ ٺوس سياسي ڍانچو تيار ڪرڻ، معتدل ۽ صحيح داخلي ۽ ??رڏ??هي پاليسيون اختيار ڪرڻ، عورتن ۽ ٻارن جي حقن جو تحفظ ۽ افغان سرزمين ڪنهن پاڙيسري ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ جو يقين ڏيارڻ تي زور ڏنو. پاڪستان ۽ چين عالمي برادري کان افغانستان ۾ انساني بحران ??ي روڪڻ ۾ مدد ۽ افغانستان جي اقتصادي نئين سر تعمير ۽ مستقبل جي ترقي جي واعدن کي پورو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ڌرين افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ تعاون جي طريقيڪار جي حمايت ڪئي ۽ افغانستان جي اقتصادي نئين سر تعمير ۽ عملي تعاون جي لاءِ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي تنڪشي قدمن کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ سمورين ڌرين سان ??ڏجي ڪم ڪرڻ تي راضپي جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين افغان عبوري حڪومت جي مشاورت ۽ سمورين ڌرين جي هڪ جهڙي گڏيل فائدي جي لاءِ پاڪ چين اقتصادي لنگهه سي پيڪ کي افغانستان تائين توسيع ڏيڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. ??رڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري چين ۾ پاڪستاني شاگردن جي مرحليوار محفوظ واپسي تي اسٽيٽ قونصلر ۽ ??رڏ??هي وزير وانگ يي جا ٿورا مڃيا. ٻنهي ملڪن پاڪستان ايئر لائينز پاران سڌوسنئون اڏامن کي جلد کان جلد ٻيهر شروع ڪرڻ ۽ وبا جي تبديل ٿيندڙ صورتحال جي بنياد تي سڌوسنئون اڏامن ۾ اضافو ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو. ??رڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ۽ وفد جي مهمان نوازي جي بهترين چيني روايت تي اسٽيٽ قونصلر ۽ ??رڏ??هي وزير وانگ يي جا ٿورا مڃيا. گڏيل پڌرنامي موجب چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ ??رڏ??هي وزير وانگ يي پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ ۾ شرڪت جي لاءِ ??رڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاران پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول ڪئي.
پاڪستان ۽ چين پاران هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن ۽ اهم خدشن لاءِ پنهنجي مضبوط حمايت ۽ اعليٰ ترين سياسي سطح تي عملي تعاون سميت اسٽريٽجڪ رابطن کي مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک