اس??ام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم پيڪا ايڪٽ 2016ع جي حوالي سان اس??ام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف ايف آء?? اي جي سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست جو سختي سان نو??يس وٺندي چيو آهي ڄاڻايل پٽيشن فوري طور تي واپس ورتي ??ڃي ٿي جيڪا حڪومتي پاليسي ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي اصول جي خلاف آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم ۽ مون کي ڪجهه دير اڳ خبر پئي ته ايف آء?? اي پيڪا ايڪٽ 2016ع جي حوالي سان اس??ام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي ته جيئن ايڪٽ جي سيڪشن 20 کي بحال ڪيو وڃي. مريم اورنگزيب چيو ته ڄاڻايل پٽيشن حڪومت جي پاليسي ۽ اظهار راءِ جي آزادي کي يقيني بڻائڻ جي اصول جي خلاف آهي، تنهن ڪري ان کي واپس ورتو ??ڃي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم درخواست داخل ٿيڻ جو سختي سان نو??يس ورتو آهي، بدقسمتي سان درخواست داخل ٿيڻ جي خبر اسان تائين پهچڻ ۾ ٿوري دير ٿي ڇو ته اسان ٻنپهرن جي وقت بشام ۾ هئاسين جتي ڪي موبا??يل سنگل نه هئا.
وزيراعظم پيڪا ايڪٽ 2016ع جي حوالي سان ايف آءِ اي جي درخواست جو سخت نوٽيس ورتو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا