اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي م??حده قومي موومينٽ جي پارلياماني اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي، انفارميشن ٽيڪنالاجي و??ري وفاقي و??ير امين الحق، قومي اسيمبلي ميمبر ڪشور زهره سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ڪراچي ۾ پرامن مظاهرين تي پوليس جي ناروا تشدد جي م??مت ڪئي، پرڏيهي چيو ته پُرامن احتجاج کي لٺين ۽ شيلنگ ??ي ذريعي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جمهوري حق جي خلاف آهي. پرڏيهي و??ير ايم ڪيو ايم جي ميمبر اسلم جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پوليس تشدد سان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن جي اک ضايع ٿيڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ قابل مذمت آهي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته متحده قومي موومينٽ جي عورتن تي پوليس تشدد جي جيتري م??مت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، جهڙي طرح ايم ڪيو ايم جي چونڊيل ايم پي اي کي ڪراچي جي رستن تي گهليو ويو ۽ پوري قوم ڏٺو، شاهه محمود قريشي چيو ته ڪالهوڪي افسوسناڪ واقعي سان جمهوريت جي ڪوڙي دعويدارن جي ساک پڌري ٿي وئي آهي، روزاني جمهوريت جو درس ڏيندڙن جو اصل چهرو سڀني ٽي وي اسڪرينز تي ڏٺو. شاهه محمود قريشي چيو ته سنڌ جي بلدياتي قانون کي پيپلزپارٽي کانسواءِ، سموريون پارٽيون رد ڪري چڪيون آهن، ايستائين جو پي ڊي ايم ۾ شامل پاڪستان مسلم ليگ ن به ر?? ڪري چڪي آهي، ان قانون جي خلاف اسيمبلي جي اندر احتجاج ۽ اسيمبلي جي ٻاهران جماعت اسلامي جو ڌرڻو مسلسل جاري آهي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته سنڌ جو بلدياتي نظام، عوام جي وچ ۾ مذاق بڻجي ويو آهي، پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي پي ٽي آءِ جي و??ئيس چيئرمين جي حيثيت سان، ان قانون جي فوري تبديلي تي زور ڏنو.
پرڏيهي وزير جو متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻن سان ٽيليفونڪ رابطو
مضمون کا ماخذ : sorteios quina