اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته ميڊيا انڊسٽري ۾ رونما ٿيندڙ تبديليون ان ڳالهه جون گهرجائو آهن ته اطلاعات واري وزارت جا آفيسر جديد دور جي ميڊيا چئلينجن مان سرخرو ٿيڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪن. اها ڳالهه هن انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ 32 هين مڊڪيريئر مينيجمينٽ ڪورس ڊومين اسپيسيفڪ تربيتي پروگرام جي ??ندون ورهائڻ جي ??قريب کي خطاب ڪندي چئي. تقريب ۾ اطلاعات واري وزارت جي مختلف ادارن جي ??ربراهن ۽ زير تربيت آفيسرن کانسواءِ ميڊيا ماهرن ۽ اسلام آباد جي مختلف يونيورسٽين جي پروفيسر صا??بان شرڪت ڪئي. اطلاعات واري سيڪريٽري چيو ته پاڪستان ۾ ميڊيا انڊسٽري تيزي سان وڌي ويجهي رهي آهي، خاص طور تي سوشل ۽ ڊجيٽل ميڊيا عام ماڻهن تائين اطلاعن جي پهچ کي آسان بڻائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته اطلاعات واري وزارت جا آفيسر محنت سان ڪم ڪندا پيا اچن تنهن هوندي به ان ڳالهه جي ??رورت آهي ته وزارت جا آفيسر سمورا ضروري تربيتي ڪورسز ۾ خوشي سان شريڪ ٿين ڇو ته اهي ئي ڪورس انهن جي ??لاحيتن ۾ نکار پيدا ڪندا آهن. تقريب کي خطاب ڪندي انفارميشن سروس اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل چيو ته هڪ مهيني جي ??ن تربيتي پروگرام ۾ آفيسرن کي ميڊيا قانو??ن ۽ انتظامي معاملن ۾ دسترس سان گڏوگڏ ڊجيٽل ۽ سوشل ميڊيا جي ??مورن ضروري معاملن بابت آگاهي ڏني وئي آهي جنهن جي لاءِ ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون. ڊائريڪٽر انفارميشن سروس اڪيڊمي غزاله امبرين تقريب جي ??رڪت ڪندڙن کي ڪورس جي ??نعقاد جي ??اري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني، تقريب جي ??خر ۾ ڪورس ۾ شريڪ ٿيندڙ آفيسرن ۾ سندون ۽ شيلڊ ورهايون ويون.
اطلاعات واري وزارت جا آفيسر جديد دور جي ميڊيا چئلينجن مان سرخرو ٿيڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪن: شاهيره شاهد
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد