اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته (ن) ليگ عدليه جي خلاف مهم شروع ڪري رکي آهي، نواز شريف يا مريم نواز جي پيشي ان اڳ اهڙيون سازشون سدائين ??يون وينديون رهيون آهن، (ن) ليگ ڪالهه به عدليه تي حملو ڪيو، هڪ اهڙي شخص پاران جعلي بيان سامهون آندو ويو جيڪو (ن) ليگ جي ليڊرن جو ساٿاري آهي، چونڊ سڌارا ??ي ٽي آءِ ۽ عمران خان جي ذاتي نه قومي ايجنڊا آهي، هر ا??يڪشن ۾ اسان سڌارن جو مطالبو ڪريون ٿا، جڏهن سڌارن طرف وڃون ٿا ته مخالف ڌر گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ٿي، پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي، اسان ا??و بل پارليامينٽ مان منظور ڪرائي رهيا آهيون، مخالف ڌر چونڊ سڌارن تي کليل دل سان غور ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ا??يڪشن ڪميشن ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب پڻ موجود هو. چوڌري فواد حسين ??يو ته ماضي ۾ نواز شريف کي جڏهن سپريم ڪورٽ طلب ڪيو ويو ته (ن) ليگ سپريم ڪورٽ تي حملو ڪري ڇڏيو هو، (ن) ليگ ڪالهه به عدليه تي حملو ڪيو، هڪ اهڙي شخص پاران جعلي بيان سامهون آندو جيڪو (ن) ليگ جي ليڊرن جو ساٿاري آهي. هن چيو ته ڪو شڪ نه آهي ته اهو شخص لنڊن ۾ نواز شريف جي خرچ تي رهي رهيو آهي، ان جي حلفيه بيان جي فيس به نواز شريف فيملي ادا ڪئي، حسين نواز ان معاملي کي ڊيل ڪري رهيو آهي. هن چيو ته جڏهن ماڻهن کي ادارن جي خلاف استعمال ڪري ادارن جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته بحران پيدا ٿيندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ان معاملي جو نوٽيس ورتو آهي جيڪو مناسب قدم آهي، توهين عدالت تي ميوارن کي اڄ طلب ڪيو ويو آهي، ان معاملي تي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي. چوڌري فواد حسين ??يو ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، اي وي ايم ۽ چونڊ سڌارا ??ي ٽي آءِ ۽ عمران خان جي ذاتي نه قومي ايجنڊا آهي، هر ا??يڪشن ۾ اسان سڌارن جو مطالبو ڪريون ٿا، جڏهن سڌارن طرف وڃون ٿا ته مخالف ڌر گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڇي ٿي. هن چيو ته مخالف ڌر سڀاڻي جي اجلاس ۾ اسان سان گڏ ويهه، انهن سڌارن تي کليل دل سان غور ڪري، مخالف ڌر کي جيڪي ترميمون گهرجن ا??ي کڻي اچي، ان تي بحث ڪري وٺون ٿا. هن چيو ته سڌارا ??ازمي آهن، سڀاڻي اسان ا??ي بل پاس ڪرائي رهيا آهيون، سمورن اتحادين وزيراعظم جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، اسان کليل دل سان اڳتي وڌڻ لاءِ تيار آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چونڊن، جوڊيشري، ميڊيا ۽ سياسي نظام ۾ سڌارا ??ازمي ٿيڻ گهرجن، اسان ا??هن تي گڏجي اڳتي وڌڻ لاءِ تيار آهيون. چوڌري فواد حسين ??يو ته اطلاعات واري وزير جي حيثيت سان جيڪا به ڳالهه ڪئي، حڪومت ۽ ڪابينا جي پاليسي تحت ڪئي، انفرادي حيثي سان ا??يڪشن ڪميشن ۽ ادارن جو احترا?? ڪريان ٿو، مون کي اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن ا?? موقف کي مثبت انداز ۾ وٺندي.
(ن) ليگ عدليه جي خلاف مهم شروع ڪري رکي آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن