اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) پاڪس??ان جي دوري تي آيل افغانس??ان جي عبوري حڪومت جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي جُون پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان پرڏيهي وزارت ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون. هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين، واپار واري صلاحڪار رزاق دائود سميت پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، افغانس??ان جي لاءِ پاڪس??ان جو خصوصي نمائندو ايمبيسڊر محمد صادق، افغانس??ان ۾ پاڪس??ان جو سفير منصور احمد خان ۽ پرڏيهي وزارت جا سينيئر آفيسر پڻ موجود هئا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير ان موقعي تي چيو ته پاڪس??ان افغانس??ان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند اهي، پاڪس??ان ويجهو پاڙيسري هجڻ جي ناطي افغانس??ان ۾ گذريل 40 سالن کان جاري جنگ ۽ بدامني سبب سخت متاثر ٿيو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪس??ان گذريل چار ڏ??اڪ?? کان 30 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪندو اچي رهيو آهي. هن چيو ته افغانس??ان کي معاشي ۽ انساني بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ پاڪس??ان مسلسل عالمي برادري کان ف??ري امداد ۽ مثبت ڪردار جي گهرج ڪندو آيو آهي، پاڪس??ان محدود وسيلن جي باوجود افغان ڀائرن جي انساني معاونت، دوائن ۽ خوراڪ جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير ان نازڪ موڙ تي افعانس??ان جي اندر ۽ ٻاهر امن مخالف عنصرن تي سخت نظر رکڻ جي تاڪيد ڪئي. پرڏيهي وزير افغان وفد کي ٽرائيڪا پلس اجلاس ۾ شريڪ روس، چين ۽ آمريڪي نمائندن خاص طور تي افغانس??ان سان ٿيندڙ ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اسان جي خواهش آهي ته افغانس??ان جي پاڙيسري ملڪن جي ايندڙ اجلاس ۾ افغانس??ان جي عبوري حڪومت جي نمائندن کي پڻ گهرايو وڃي پرڏيهي وزير افغان وفد کي پاڪس??ان ۽ افغانس??ان جي وچ ۾ واپاري رابطن، واپاري لنگهه ۾ فراهم ڪيل سهولت ۽ انساني معاونت جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. افغانس??ان جي عبوري حڪومت جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي افغانس??ان کي انساني بحران مان ڪڍڻ ۽ عالمي برادري جو ڌيان افغانس??ان جي خراب ٿيل اقتصادي صورتحال طرف ڇڪرائڻ تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا.
افغانستان جي عبوري حڪومت جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم