ساهيوال – 29 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ساهيوال ڊويزن سان تعلق رکندڙ پارليام??نٽ??ينز ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ راءِ محمد مرتضيٰ اقبال، سيد صمصام علي بخاري، ملڪ نعمان اح??د لنگڙيال، چوڌري محمد نوريز شڪور، شيخ محمد چوهاڻ، ملڪ فيصل جلال ڍڪو، مهر ارشاد حسين ڪاٺيا، وحيد اصغر ڊوگر، سيد محمد مظفر کگا، راءِ حسن نواز خان، فيض الله ڪموڪا، شڪيل اح??د نيازي، راڻا آفتاب اح??د، نبيلا اعواڻ، ڊاڪٽر مظهر شيرازي ۽ وسيم رامي شريڪ هئا. پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار ۽ پنجاب جو گورنر چوڌري محمد سرور پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا. وفد ساهيوال جو دورو ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ سياسي معاملن، عوامي ڀلائي، ترقياتي منصوبن، خاص ط??ر تي صحت، تعليم جي سهولتن جي فراهمي، زرعي شعبي جي ترقي جي حوالي سان جاري قدمن ۽ مستقبل جي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ پارليام??نٽ??ينز چيو ته وزيراعظم عمران خان جي اسلامي فلاحي رياست جي ويزن جي روشني ۾ عوام جي ڀلائي ۽ ترقي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.
وزيراعظم سان ساهيوال ڊويزن سان تعلق رکندڙ پارليامينٽرينز جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری