اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ف??از چيو آهي ته احمد ف??از انسانيت جو پيغام ڏنو ۽ مظلوم قوم جي حق ۾ آواز بلند ڪي??، هو هڪ اصول پسند شاعر هو، ڪڏهن پنهنجي نظرين ۽ آدرش کان پٺتي نه هٽيو، هن پنهنجي سوچ عوام تائين پهچائي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڪيڊمي آف ادبيات پاڪستان ۽ احمد ف??از ٽرسٽ جي اهتمام هيٺ اردو جي عهد ساز شاعر احمد ف??از جي 90 هين سالگرهه جي مناسبت سان منعقد ”احمد ف??از قومي ادبي سيمينار“ کي خاص مهمان جي حيثيت خان خطاب ڪندي ڪي??. سينيٽر شبلي ف??از چيو ته احمد ف??از هڪ بااصول انسان هو، هو ڪڏهن پنهنجي نظرين ۽ آدرش تان پٺتي نه هٽيو، هن مظلوم ڪشميري ۽ فلسطيني قوم جي لاءِ شاعري جي صورت ۾ جدوجهد ڪئي، هو م??بت ۽ انسانيت جو شاعر هو، هو پاڪستان پاران محبت ۽ دوستي جو سفير هو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج