اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ??هي ت?? ڪورونا وبا جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد ضروري آهي، اسلام آباد ۾ 189 آڪسيجن بيڊز فراهم ڪيا پيا وڃن، ه??ٽ اسپاٽ وارن علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون سان وبا جو ڦهلاءُ روڪڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پمز ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته جولاءِ جي آخر تائين 2100 کان وڌيڪ آڪسيجن بيڊز ج?? اضافو ڪنداسين، 20 وڏن شهرن ۾ ه??ٽ اسپاٽ جي نشاندهي ڪئي وئي. اسد عمر چيو ته پولي ڪلينڪ، پمز ۽ سي ڊي اي اسپتال کي آڪسيجن بيڊز ڏنا ويندا، ه??ٽ اسپاٽس ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون سان وبا جو ڦهلاءُ روڪي سگهجي ٿو. هن چيو ته ه??ٽ اسپاٽس جا تفصيل صوبن کا ڏنا ويا آهن. ٽيڪنالاجي جي مدد سان نشاندهي ڪري سگهنداسين ته ڪهڙن علائقن ۾ وبا وڌيڪ آهي. وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ملڪ جي 20 وڏن شهرن ۾ 92 ه??ٽ اسپاٽ علائقن ۾ لاڪ ڊائون ڪيو آهي.
ڪورونا وبا جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد ضروري آهي: اسد عمر
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز