اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪورونا جي صورتحال جي حوالي سان عوام کي مڪمل باخبر رکيو، اين سي او سي ۾ جيترا به فيصلا ٿيا ان ۾ سموريون ڌريون شريڪ هيون، ڪجهه پارٽيون ان معاملي تي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪري رهيو?? آهن، حڪومت ڪورونا کي ڪاميابي سان منهن ڏئي رهي آهي، پيپلزپارٽي کي اها ڳالهه هضم نه ٿي رهي آهي. هو مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا جو ڦهلاءُ اڃا به ڪاٿن کان گهٽ آهي. هن چ??و ته اين سي او سي جي اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وزير سمورن فيصلن سان اتفاق ڪري ٿو پر ڪ??اچي پهچي سنڌ جو وڏو وزير سمورن فيصلن کان انڪاري ٿي وڃي ٿو. هن سياسي پارٽين تي زور ڏنو آهي ته اهي ذميواري جو مظاهرو ڪن ۽ ڪورونا وائرس جي عالمي وبا جي غيرمعمولي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ الزام هڻڻ کان پاسو ڪن.
وزيراعظم ڪورونا صورتحال جي حوالي سان عوام کي مڪمل باخبر رکيو: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : números dupla sena