اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمرا?? خان جي صدارت ۾ پنجاب جي پارلياماني پارٽي جو پهريون اجلاس ڪالهه اربع ڏينهن ٿيو جن??ن ۾ پنجاب اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن شرڪت ڪئي ۽ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي پنجاب پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ 164 صوبائي اسيمبلي ميمبرن شرڪت ڪئي، اجلاس جلدي ۾ گهرايو ويو جنهن جي ڪري ڪجهه ميمبر شرڪت نه ڪري سگهيا، حڪومت ٺاهڻ جي لاءِ 149 ميمبر گهربل آهن جڏ??ن ته اسان جي ميمبرن جو انگ 186 تائين پهچڻ جي اميد آهي.
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ