بغداد-27 ڊسمبر (اي پي پي) عراق جي هڪ ريگستان ۾ رستي ڪناري نصب ٿيل بم جي ڌماڪي ۾ 2 ڪويتي ۽ هڪ سعودي سياح مارجي ويا آهن. چيني خابرو اداري عراقي فوج جي حوالي سان ٻڌايو ته عراقي سيڪيورٽي فورسز کي ٻن ڪويتي ۽ هڪ سعودي سياح جا لاش ??ليا آهن جيڪي اولهندي عراق جي هڪ ريگستان ۾ رستي ڪناري نصب ڪيل بم جي ڌماڪي ۾ مارجي ويا هئا. هن ٻڌايو ته مارجي ويل سياح سياحتي ويزا حاصل ڪري عراق ۾ داخل ٿيا هئا ۽ ٽنهي صوبن الانبار، صلاح الدين ۽ ني??وي تائين پکڙيل وسيع ريگستان ۾ شڪار جي سفر دوران گم ٿي ويا هئا، جنهن کانپوءِ عراقي سيڪيورٽي فورسز گم ٿيل سياحن جي ڳولا لاءِ ريگستان الانبار ۾ وڏي پئماني تي ڳولا ڪئي ۽ انهن جا سڙيل لاش ??ٿ ڪيا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته شروعاتي ثبوتن مان پتو پئجي ٿو ته متاثرن جي گاڏي دهشتگردن طرفان رستي ڪناري نصب ڪيل هڪ پر??ڻي بم سان ٽڪرائجي وئي هئي.
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک