نيويارڪ -01 نومبر (اي پي پي) نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن واري آفيس او ايڇ س?? ايڇ آر جي ڊائريڪٽر ڪريگ موخيبر اسرائيل فلسطين بحران کي مناسب طريقي سان حل ڪرڻ ۾ گڏيل قومن جي ??اڪامي تي پنهنجي عهدي تان احتجاج طور استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. روس جي اخبار جي رپورٽ مطابق پنهنجي بيان ۾ هن چ??و ته غزه ۾ فوري جنگ بندي گڏيل قومن جي ذميواري هئي. جيڪا ذميواري پوري ڪرڻ بجاءِ گڏيل قومن آمريڪا جي طاقت سامهون هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ هڪ اهڙي وقت ۾ اسرائيلي لابي جي ??قابلي ۾ شڪست تسليم ڪئي جڏهن ته فلسطين ۾ آبادڪاري جو يورپ جو نئين آبادي وارو منصوبو پنهنجي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. ڪريگ موخيبر گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ کي لکيل هڪ خط ۾ چيو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر فلسطينين جي ??سل ڪشي اسان پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا آهيون ۽ اسان جنهن عالمي اداري لاءِ ڪم ڪندا آهيون ا??و ان کي روڪڻ ۾ بي بس نظر اچي رهيو آهي. هن چ??و ته غزه ۾ جاري اسرائيل جي ??وجي ڪارروائي فلسطينين جي ??سل ڪشي آهي. هن چ??و ته اسرائيل جي ??وج هٿان فلسطين جي عوام جو وڏي پئماني تي قتل عام جنهن جون پاڙون نسل پرستاڻي آبادڪاري جي ??ئين آبادياتي نظرئي تي ٻڌل آهن جي ??سل ڪشي ٿيڻ ۾ شڪ ۽ بحث جي ڪا به گنجائش ناهي. هن چ??و ته آمريڪا، برطانيه ۽ يورپ جي اڪثر ملڪن جون حڪومتون غزه ۾ جاري اسرائيل جي خوفناڪ ڪارروائي کي روڪڻ ۾ نه رڳو پنهنجي عالمي ذميوارين کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن پر اهي اسرائيل جي ??وج کي سرگرمي سان هٿيار ڏيڻ، اسرائيل کي اقتصادي طور امداد فراهم ڪرڻ ۽ اسرائيل جي ??وج کي ڳجهي معلومات فراهم ڪرڻ ۾ مصروف آهن. ڪريگ موخيبر چ??و ته اولهه جي ڪارپوريٽ ميڊيا ان سڄي عمل ۾ ڄاڻايل ملڪن جي ڀرپور معاونت ڪري رهي آهي ۽ فلسطينين جي ??سل ڪشي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ لڳاتار کين غير انساني سطح تائين کڻي وڃي رهي آهي، ان لاءِ نسلي يا مذهبي نفرت جي ??ڪالت لاءِ پروپئگنڊه ڪري رهي آهي. گڏيل قومون بار بار نسل ڪشي روڪڻ ۾ ناڪام رهيون آهن ۽ روانڊا، بوسنيا ۽ ميانمار ۾ روهينگا مسلمانن سان ٿيل سلوڪ ان جو تازو مثال آهن. هن چ??و ته هاڻي گڏيل قومن جي ڪا به ساک ناهي پر اسان جي ??اڪامين جي ??تيجي ۾ سڀ کان وڏو نقصان فلسطين جي عوام جو ٿيو آهي. ان صورتحال کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن کي هاڻوڪن ڏينهن ۾ سڄي دنيا جي شهرن ۾ ماڻهن طرفان ??اه?? ڪيل اصولي موقف مان سکڻ گهرجي جتي انهن شهرن ۾ اتان جو عوام وڏي انگ ۾ نسل ڪشي خلاف اٿي بيٺو آهي. هن گڏيل قومن کان مطالبو ڪ??و ته فلسطين مسئلي جي ??ه رياستي حل جي ڌوڪي کي ختم ڪري علائقي ۾ فلسطين جي ??احد جمهوري ۽ سيڪيولر رياست قائم ڪرڻ جي حمايت ڪئي وڃي جيڪا اسرائيل جي ??سل پرستاڻي ۽ نئين سر آبادي واري منصوبي کي پاڻ ئي مٽي ۾ ملائي ڇڏيندي.
گڏيل قومون اسرائيل فلسطين بحران کي مناسب طريقي سان حل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون، او ايڇ سي ايڇ آر جي سربراهه عهدي تان احتجاجن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔