گڏيل قومون -10 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ ??اڪ??تان جي نمائندي منير اڪرم طرفان ڄمون ڪشمير تي ڀارتي قبضي کي جديد دور جي نو آبادياتي نظام جو بدترين مظهر قرار ڏيڻ تي ??اڪ??تان ۽ ڀارت جي نمائندن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي. گذريل ڏينهن گڏيل قومن ۾ ??اڪ??تاني نمائندي ج?? تبصرن تي رد عمل ظاهر ڪندي ڀارت جي نمائندي چيو ته گڏيل قومن خوداراديت واري حق جي اصول کي بقيه 17 نان سيلف گورننگ علائقن جي ڊي ڪالونائيزيشن جي حوالي سان بيان ڪيو هو، نه ئي ڪنهن ??يم??ر ملڪ جي علائقائي سالميت کي مجروح ڪرڻ جو جواز پيش ڪيو آهي. ڄمون ڪشمير ۽ لداخ هميشه ڀارت جو اڻٽٽ حصو رهيا آهن ۽ رهندا. گڏيل قومن ۾ ??اڪ??تاني مشن ۾ قونصلر نعيم صابر خان ان ڳالهه جو فوري ج??اب ڏيندي چيو ته نوآبادياتي ملڪن ۽ ماڻهن کي آزادي ڏيڻ جا اعلان نه صرف ڪجهه علائقن جي ماڻهن جا نهن پر سڀني اهڙن ماڻهن جي خوداراديت واري حق هجڻ جي تصديق ڪري ٿو جن جي علائقن تي زبردستي قبضو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڄمون ڪشمير کي گڏيل قومن جي نقشن تي هڪ تڪراري علائقو قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته اڄ ڀارت ۾ 200 ملين کان وڌيڪ مسلمان، عيسائي ۽ ٻين اقليتن کي سنگين ۽ کليل امتيازي سلوڪ درپيش آهي. ڀارت اندر اسلامو فوبيا ۾ خ??فن??ڪ اضافو بي ج?? پي ۽ آر ايس ايس حڪومت جي هندو پرست ايجنڊا جي انڌي تقليد ۽ اسلام مخالف ۽ مسلم مخالف بيان بازي ج?? واضح حمايت جو نتيجو آهي. ??اڪ??تاني نمائندي چيو ته ڀارت ۾ اڄ ڪا به اقليت محفوظ ناهي.
گڏيل قومون: ڪشمير تي ڀارتي قبضي کي جديد دور جي نوآبادياتي نظام جو بدترين مظهر قرار ڏيڻ تي پاڪستان ۽ ڀارت جي نمائندن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی