دوشنبي- 23 فيبروري (اي پي پي) تاجڪستان ۾ 6.8 جي شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن سبب زلزلي وارن علائقن ۾ ڊيم ٽٽڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي جڏهن ته فور?? طور تي ڪنهن به جاني يا مالي نق??ان جو اطلاع ناهي مليو. فرانس جي خابرو اداري آمريڪي عرضيات کاتي جي حوالي سان ??ڌايو آهي ته تاجڪستان جي اوڀر واري صوبي گورنو بدخشان جي مورغوب ضلعي ۾ خميس تي صبح جو 6.8 جي شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. جنهن جي اونهائي 20.5 ڪلوميٽر هئي. شروعاتي زلزلي جي 20 منٽن بعد 5 ۽ 4.6 جي شدت جا آفٽر شاڪس به محسوس ڪيا ويا، چائنه سينٽرل ٽيلي ويزن (سي سي ٽي وي) چائنه ارٿ ڪوئيڪ نيٽ ورڪس سينٽر مطابق زلزلي جو مرڪز چي?? جي سرحد کان ??يجهي ترين هنڌ کان 82 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هو جنهن کي چي?? جي صوبي سنڪيانگ جي اولهه طرف ڪاشغر ۽ ارتش جي شهرن ۾ به محسوس ڪيو ويو، زلزلي وارا علائقا خوشقسمتي سان ڳتيل آبادي وارا نه هئا. جڏهن ته ان علائقي ۾ موجود ڍنڍ ساريز جا بند ٽٽڻ جو خدشو آهي ان ڪري ڪجهه ملڪن ۾ ٻوڏ جو پڻ خطرو آهي. ساريز ڍنڍ تاجڪستان جي سڀ کان ??ڏي ڍنڍ آهي، ان کان علاوه ساريز ڍنڍ جي پٺيان ??امير پهاڙن جي مرڪز ۾ هڪ قدرتي ڊيم به آهي. ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڊيم ٽٽي پئي ته ان جا نتيجا تمام خراب ??ابت ٿيندا. هوڏانهن فور?? طور تي ڪنهن به جاني يا مالي نق??ان جو اطلاع ناهي مليو.
تاجڪستان ۾ 6.8 جي شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس، آفٽر شاڪس، ڊيم ٽٽڻ جو خدشو
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر