اسلام آباد-20 مئي (اي پي پي) فلسطيني عوام س??ن يڪجهتي جي اظهار ۽ مظلوم فلسطيني عوام خلاف اسر??ئي??ي وحشياڻن حملن جي مذمت لاءِ قوم جمعي ڏينهن ”فلسطين جو ڏهاڙو“ مله??ئي??دي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وبا جي حوالي سان ايس او پيز کي نظر ۾ رکندي مختلف ريليون ۽ مظاهرا ڪيا ويندا، جن ۾ فلسطيني عوام س??ن يڪجهتي ۽ اسر??ئي?? جي ڏاڍ جي مذمت ڪندي عالمي برادري جو ڌيان ان ظلم خلاف ڇِڪايو ويندو. جمعي نماز جي اجتماعن ۾ القدس جي آزادي ۽ مظلوم فلسطيني عوام لاءِ خاص دُعائون گُهريون وينديون. گذريل ڏينهن پن??نجي ٽوئيٽس ۾ صدر مملڪت فلسطين ۾ ٿيل شهادتن تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دُعا ڪئي. هن چيو ته پاڪستان فلسطينين خلاف اسر??ئي??ي تشدد ۽ غير قانوني قدمن جي مذمت ڪري ٿو، اسر??ئي??ي ??دم انساني حقن، عالمي قانونن ۽ انساني قدرن خلاف آهن، اسان فلسطيني جي حق لاءِ آواز بلند ڪندا رهنداسين. هن چيو ته فلسطين جي حق لاءِ عالمي برادريءَ کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ پن??نجون ڪوششون جاري رهنديون. پاڪستان فلسطين مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ پن??نجي حمايت جاري رکندو. صدر مملڪت چيو ته اسان کي ان ڳالهه کي تسليم ڪرڻ گهرجي ته فلسطينين جا حق ۽ ۽ حياتيون اسان کي عزيز آهن. وزيراعظم عمران خان به فلسطيني جي عوام س??ن يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي پن??نجي تازي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته هو غزه ۽ فلسطين سان گڏ بيٺل آهي، وزيراعظم عمران خان فلسطيني ۽ غزه جي عوام س??ن يڪجهتي ۽ وابستگيءَ جو اظهار ڪندي هڪ مضبوط پيغام ڏنو. عمران خان پن??نجي ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي ته اسان غزه ۽ فلسطين جي عوام سان گڏ بيٺل آهيون. هن پن??نجي ٽوئيٽ تان عظيم دانشور نوم چومسڪي جو قول به شيئر ڪيو، جنهن ۾ هن آزاد فلسطين جي حمايت ۾ لکيو ته توهان اسان جو پاڻي کڻو ٿا، اسان جي زيتونن جا وڻ ساڙيو ٿا، منهنجو گهر تباهه ڪريو ٿا، مون کان منهنجو روزگار ڇنيو ٿا، مون کان منهنجي سرزمين کسي آهي، منهنجي والد کي قيد ۾ وڌو آهي، منهنجي امڙ کي شهيد ڪيو ۽ منهنجي ملڪ تي بمباري ڪئي، اسان سڀني کي بُکيو ماريو، اسان کي مجبور ڪريو، ان باوجود الزام ته مون تي ئي لڳندو ته مان هڪ راڪيٽ فائر ڪيو آهي. فلسطين س??ن يومِ يڪجهتيءَ جي حوالي سان ٻين سياسي مذهبي جماعتن، سماجي تنظيمن، سول سوسائٽيءَ سميت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ فرد ريلين ۽ مظاهرن ۾ شرڪت ڪندا، جن ۾ فلسطين خاص طور تي غزه ۾ اسر??ئي?? جارحيت ۽ مسجد اقصيٰ جي بي حرمتي خلاف آواز اُٿاريو ويندو. واضح رهي ته قومي اسيمبلي اسر??ئي?? جي فلسطين تي جارحيت خلاف گڏيل طور تي مذمتي ٺهراءُ منظور ڪيو آهي جنهن ۾ عالمي برادري ۽ گڏيل قومن کان فلسطين ۾ جاري اسر??ئي??ي جارحيت جي خاتمي لاءِ فوري ??دم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو آهي.
فلسطيني عوام سان يڪجهتيءَ لاءِ جمعي تي”فلسطين جو ڏهاڙو“ ملهايو ويندو
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔