اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) عالمي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جي بو??ڊ آف ٽرسٽيز جو 14 هون اجلاس صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي جي صدارت هيٺ ايوان صدر ۾ ٿيو. اجلاس ۾ يونيورسٽي جي صدر لاءِ ڊاڪٽر هتل بن جمودالعتيبي جي نالي جي متفقه طور تي منظوري ڏني وئي. هو هن وقت امام محمد بن سعود يونيورسٽي ?? خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب عالمي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جي ريڪٽر ڊاڪٽر معصوم ياسين زئي اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي اسلامي يونيورسٽي جي سرگرمين ۽ ان جي ملڪ ۾ تعليم جي فروغ لاءِ ڪردار بابت آگاهه ڪيو. صدر بو??ڊ آف ٽرسٽيز جي ميمبرن جي آجيان ڪندي چيو ته عالمي اسلامي يونيورسٽي علم سکڻ جو هڪ عظيم مرڪز آهي جيڪا نه رڳو جديد تعليم فراهم ڪري ٿي پر شاگردن کي شريعت، اسلام جي تاريخ ۽ ثقافت بابت تعليم ڏيڻ جي لاءِ پڻ اهم خدمتون فراهم ڪري ٿي.
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ