گهوٽڪي – 30 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قومون غريب ناهن هونديون پر ڪرپشن قومن ۽ ملڪن کي غريب ڪري ڇڏيندي آهي، ڏکڻ ڪوريا پاڪساني ماڊل تي عمل ڪيو ۽ ترقي جون منزلون طئي ڪيون، سنڌ پاڪستان جو سڀ کان وڏو خوشحال صوبو هجڻ گهرجي ها. اهڙن خيالن جو اظهار هن گهوٽڪي ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته 10 ??ال اڳ ملڪ جا قرض 6 هزار ارب رپيا هئا جيڪي 10 سالن ۾ 30 هزار ارب تا??ين وڌي ويا آهن، ڪيڏانهن ويو ملڪ اهو پئسو؟ اڳ ۾ شريف ڀائر انهي زرداري کي ڪرپٽ چوندا هئا ۽ زرداري انهن کي ڪرپٽ چوندو هو پر اڄ ٻئي گڏجي ??مهوريت بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر انهن جي ??يڪا مرضي ڪن انهن کي نه ڇڏينداسين. قوم توهان کي معاف نه ڪندي، رڳو هڪ رستو آهي ته قوم جو پئسو واپس ڪري ڇڏيو ته ڇڏيو ويندو.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ