راولپنڊي – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪ فوج جي پيشيواراڻي صلاحيت، آپريشنل تيارين ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قربانين کي ساراهيندي چيو آهي ته قوم جي حمايت ۽ هڪ جهڙي قوم سوچ ذريعي ملڪ کي درپيش اندروني ۽ ٻاهرئين چئلينجز تي ڪاميابي سان ضابطو آڻي وٺنداسين، حڪومت پاڪ فوج جي صلاحيت ۽ سگهه کي برقرار رکڻ جي لاءِ گهربل سمورا وسيلا فراهم ڪندي. هن اها ڳالهه دفاع، پرڏيهي معاملن، ناڻي، اطلاعات ??ار?? وفاقي وزيرن، گهرو معاملن جي مملڪتي وزير ۽ دفاع ??ار?? سيڪريٽري سان گڏ جنرل هيڊڪ??ار??رز (جي ايڇ ڪيو) جي دوري جي موقعي تي چئي. پاڪ فوج جي عوامي رابطن ??ار?? شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب جي ايڇ ڪيو اچڻ تي وزيراعظم کي فوج جي دستي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو.
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II