رياض-03 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت ج??پان ۾ زلزلي سبب وڏي پيماني تي ٿيل جاني نقصان تي تي افسوس جو اظهار ڪندي جاپان ۽ ان جي دوست عوام سان افسوس ۽ ه??در??ي جو اظهار ڪيو آهي. سودي عرب جي پريس ايجنسي مطابق بيان ۾ سعودي عرب ??رف??ن جاپان جي حڪومت ۽ ان جي عوام سان ايڪتا جو اظهار ڪيو آهي. بيان ۾ زخمين جي جلد صحتيابي جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو آهي. واضح رهي ته نئين سال جي آغاز تي جاپان ۾ طاقتور زلزلي سبب 64 مڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن ۽ ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا آهن. زلزلي سان گڏو گڏ سونامي جون لهرون پڻ جاپان جي اولهندي ڪناري جي سامونڊي ڪناري سان ٽڪرائجي ويون. جاپان جي ميٽرولاجيڪل ايجنسي جو چوڻ آهي ته 90 م??ٽن جي دورانيي ۾ زلزلي جا 21 لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن جي شدت 4 يا ان کان به وڌيڪ هئي. جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ شديد لوڏا 7.6 جي شدت ج?? هيا.
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم