اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته 1970ع ۾ عوام مستحڪم سياسي ا??رافيه کي شڪست ڏني، 70ع جي ڏهاڪي کانپوءِ اڄ عوام ٻه پارٽي نظام کي شڪست ڏني آهي، عوام اسان مان روايتي طرز سياست ۽ حڪومت جي اميد نه ٿي رکي، عوام اسان کي روايتي سياسي پارٽين کان جدا ڏسي ٿي، 22 سالن جي جدوجهد جو پهريون مرحلو اڄ مڪمل ٿيو، توهان کي قوم جو پئسو بچائڻو آهي ته جيئن عوام جي ڀلائي تي خرچ ڪري سگهجي، آئو?? فيصلا ميرٽ تي ۽ قوم جي مفاد ۾ ڪندس، برطانيا جي طرز تي هر هفتي بطور وزيراعظم هڪ ڪلاڪ سوالن جا جواب ڏيندس، وزيرن کي پڻ صحيح معنيٰ ۾ جوابده ??ڻائينداسين. پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميڊيا ڊپارٽمينٽ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جي پهرين باضابطا اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال