اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سر??ار اياز صادق ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته 2018ع جو سج پاڪستان جي ترقي، عام ماڻهو جي خوشحالي ۽ جمهوريت جي استحڪام جي نويد کڻي اڀرندو، 2018ع ان ڳالهه جو گواهه هوندو ته اسان تاريخ جي هڪ صفحي کي ورائي موجوده دور جي چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي نئين عزم سان هڪ نئين سفر تي گامزن ٿي?? آهيون. نئون سال شروع ٿيڻ تي قوم جي نالي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ اسپيڪر معاشري جي پٺتي پيل طبقن جي ترقي لاءِ موجوده حڪ??مت جي حصي??ار جمهوريت جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جا ڏينهن ڳڻجي چڪ?? آهن ۽ 2018ع پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو سال ثابت ٿيندو.
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ