اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اسان جي ابن ڏاڏن جون قربانيون ا??ان تي ?? اسان جي ايندڙ نسل تي قرض آهي ۽ پاڪستان کي حقيقي معنيٰ ۾ هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ بڻائي ئي اسان اهو قرض لاهي سگهون ٿا، قومي مفاد جي بالادستي ?? هڪ فتح نه ٿيڻ جوڳو دفاع پوري قوم جو گڏيل مقصد آهي جنهن جي لاءِ اسان سڀ گڏجي جدوجهد ڪنداسين، پاڪستان ۾ ??ائ??اعظم جديد جمهوري رياست جو هڪ خواب ڏٺو هو، اسان کي سمورن ا??ارن کي مضبوط ڪرڻو آهي ته جيئن اهي آئين ۽ قانون جي حد ۾ رهندي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن، پاڪستان عالمي امن لاءِ ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، پاڪستان سڄي دنيا جي سمورن ملڪن خاص طور تي پنهنجي پاڙيسرين سان برابري جي بنياد تي مثبت ۽ تعميري لاڳاپن جي خواهش رکي ٿو، پاڪستان ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي رفتار ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ اسان جو ويزن ۽ مشن آهي. هن اها ڳالهه ملڪ جي آزادي جي ڏهاڙي جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي جيڪا اڄ سومر ڏينهن ملهائي پئي وڃي، قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چئي آهي.
اسان جي وڏڙن جون قربانيون اسان تي ۽ اسان جي ايندڙ نسل تي قرض آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil