اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ملڪ جي مختلف حصن ۾ صحافين ۽ ص??افتي ادارن جي توهين جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف جي هدايتن تي پاڪستان اندر صحافت جي آزادي سان گڏوگڏ صحافين جا حق متاثر نه ٿيڻ ڏينداسين، صحافين ۽ ص??افتي ادارن جي سيڪيورٽي ۽ سيفٽي جي لاءِ اطلاعات واري وزارت هر ممڪن صلاحيتون ا??تعمال ۾ آڻي رهي آهي. هو پارليامينٽ هائوس ٻاهران پي ايف يو جي جي اهتمام هيٺ آزادي صحافت ريلي کي خطاب ڪري رهي هئي. پي ايف يو جي جو صدر افضل بٽ، نيشنل پريس ڪلب جو صدر شڪيل انجم، ٻين صحافتي گروپن ??ا اڳواڻ ۽ سوين صحافي ان موقعي تي موجود هئا. صحافي ??را??ري پي ايف يو جي جي صدر افضل بٽ جي قيادت ۾ نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد کان ريلي ڪڍي، مملڪتي وزير مريم اورنگزيب خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪنهن به صحافي جو مطالبو منهنجو مطالبو آهي، هر جائز مطالبي تي آئون صحافين سان گڏ بيٺل هوندي آهيان ۽ بيٺل رهنديس.
صحافت جي آزادي ۽ صحافين جا حق متاثر نه ٿيڻ ڏينداسين: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج