فيصل آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ملڪ کي توانائي ۽ معاشي بحرانن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدم نه کڻڻ تي گذريل حڪ??متن جو احتساب ٿجڻ گهرجي جنهن سبب قوم اونداهي ۾ ٻڏل رهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فيصل آباد ۾ ستاره ڪيميڪلز انڊسٽريز لميٽيڊ پاران 40 ميگاواٽ جي 3 ارب رپين جي لاڳت سان هنيل ڪول بجلي منصوبي جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ميان محمد ادريس جو والد غريبن جي خيرخواهه هو، هن ڪيترائي فلاحي ادارا ??ائ?? ڪيا، فيڊريشن آف چيمبرز ۽ ڪامرس جي لاءِ ميان ادريس جا قدم ساراهه جوڳا آه??، ڪيترائي سال اڳ لڳندڙ ستاره ڪيميڪلز جو ٻوٽو وڌي اڄ وڏو وڻ ٿي چڪو آهي، دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي سندس مقدر آهي.
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2