گڏيل قومون-09 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته شام جو مستقب?? شهري طئي ڪندا. گڏيل قومن ??ي سيڪريٽ??ي جنرل انتونيو گوتريش شام جي شهرين جي حقن جو تحفظ ڪندي ??ن حساس وقت ۾ پرسڪون رهڻ ۽ تشدد کان پاسو ڪرڻ جي اپيل جو ورجاءُ ڪندي چيو ته شام جي مستقبل جو فيصلو شامين جو معاملو آهي ۽ نون ادارن ۾ منظم سياسي منتقلي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اڃان گهڻو ڪجهه ڪرڻ باقي آهي. هن چيو ته بين الاقوامي قانون مطابق سمورن معاملن ۾ سفارتي ۽ قونصلر احاطي ۽ عملي جو احترام ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسانکي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ بين الاقوامي براد??ي جي حمايت جي ضرورت هوندي ته ڪا به سياسي منتقلي جامع هجي ۽ اها شام جي عوام جي جائز خواهشن کي پورو ڪري. شام جي خودمختياري، اتحاد، آزادي ۽ علائقائي سالميت کي بحال ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان شام جي شهرين کي هڪ اهڙي ملڪ جي تعمير ۾ مدد ڪ??ڻ لاءِ پرعزم آهيون جتي مفاهمت، انصاف، آزادي ۽ خوشحالي سڀني لاءِ گڏيل حقيقتون هجن.
شام جو مستقبل شهري طئي ڪندا: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ