گڏيل قومون – 31 آڪٽوبر(اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اسرائيل طرفان فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) تي پابندي لڳائڻ تي ڳڻتي جو ??ظهار ڪندي اسرائيل تي زور ڀريو آهي ته عالمي ذميوارين جي پابندي ڪري . ??رڏيهي ميڊيا مطابق سلامتي ڪائونسل گذريل ڏينهن جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ اسرائيل تي زور ڀريو آهي ته هو گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي ) کي مليل حقن ۽ ڇوٽ واري حيثيت جو ??حترام ڪري. عالمي اداري چيو ته سمورين ??رين ??ي گهرجي ته اهي يو اين آر دبليو اي کي ان جي مينڊيٽ مطابق سمورن لاڳاپيل علائقن ۾ ??م ڪرڻ ڏين ??و ته اها رليف ايجنسي جنگ سٽيل غزه ۾ انساني بنيادن تي ڪم جي حوالي سان ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿي . سلامتي ڪائونسل چيو آهي ته ڪو به ٻيو ادارو انساني بنيادن تي ??م ڪرڻ لاءِ يو اين آر ڊبليو اي جي متبادل نٿو ٿي سگهي . ??و اين آر ڊبليو اي جو پناهگيرن جي مدد لاءِ مينڊيٽ ۽ ان جي اهليت سڀني ادارن تي حاوي آهي . ان اداري جي امداد زندگين ??ي بچائيندڙ آهي . ??اضح ره?? ته يو اين آر ڊبليو غزه ۽ اولهه ڪناري ۾ بي گهر فلسطينين جي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ سڀ کان اهم ادارو آهي.
سلامتي ڪائونسل پاران فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اداري تي اسرائيلي پابندي جي قدم تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ