گڏيل قومون- 13 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ??ائ??نسل ۾ سڌارن تحت ??ائ??نسل ۾ آفريقا جي نمائندگي وڌائي ان خطي مان تاريخي نا انصافين ج?? ازالو ڪرڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته اهڙي طرح ??ائ??نسل کي وڌائيندي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ وڌيڪ اثرائتو، جامع ۽ جوابده بڻائي سگهجي ٿو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم سلامتي ??ائ??نسل ۾ آفريقا جي اثرائتي نمائندگي وڌائڻ جي حوالي سان هڪ مباحثي دوران خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسان آفريقا سان ٿيل تاريخي نا انصافين يعني ان تي قبضي، ڏاڍ، استحصال ۽ سلامتي ??ائ??نسل ۽ ٻين عالمي ادارن جي ڍانچي ۾ گهٽ نمائندگي جو اعتراف ڪ??يون ٿا. پاڪستاني نمائندي چيو ته پاڪستان آفريقا جي ان مطالبي سان اتفاق ڪري ٿو جيڪو ايزلويني اتفاق راءِ ۾ آفريقا جي خطي جي مساوي نمائندگي لاءِ طئي ڪيو ويو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهي چئن رياستن، ڀارت، برازيل، جرمني ۽ جاپان جي مطالبي کان ب??ڪل مختلف آهن جيڪي پنهنجي لاءِ سلامتي ??ائ??نسل جي مستقل ميمبرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ مهم هلائي رهيا آهن.
پاڪستان پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ آفريقا جي نمائندگي وڌائڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث