واشنگٽن -12 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي دفاع واري وزير لائيڊ آسٽن وچ اوڀر ۾ هڪ گائيڊڊ ميزائيل آبدوز موڪلڻ ۽ تباهي پکيڙيندڙ سامونڊي جهاز يو ??يس ??يس ابراه?? لنڪن کي به علائقي ۾ فوري طور روانو ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪي دفاع واري وزير پنهنجي بيان ۾ ان تازي اڳڀرائي بابت ٻڌايو ته لائيڊ آسٽن اهو حڪم اسرائيلي دفاع واري وزير يووگيلنٽ ??ان ڳالهين کان پوءِ جاري ڪيو آهي. سوشل ميڊيا تي آمريڪي فوج جي پوسٽ مطابق ايٽمي آبدوز يو ??يس ??يس جارجيا جولاءِ ۾ رومي سمنڊ ۾ اڳ کان موجود آهي. آمريڪي دفاع واري وزير جي پنهنجي اسرائيلي هم منصب ??ان ڳالهين کان پوءِ پينٽاگون بيان ۾ چيو آهي، ته دفاعي سربراهه ابراه?? لنڪن اسٽرائيڪ گروپ کي علائقي ۾ فوري مقرري جو حڪم ڏنو آهي. پينٽاگون جي پريس سيڪريٽري ميجر جنرل پيٽ رائيڊر چيو ته لائيڊ آسٽن اسرائيل جي دفاع لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي آمريڪي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ وڌندڙ علائقائي ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي وچ اوڀر ۾ آمريڪي فوجي طاقت جي پوزيشن ۽ صلاحيتن جو جائزو ورتو.
آمريڪي دفاع واري وزير طرفان وچ اوڀر ۾ گائيڊڊ ميزائيل آبدوز ۽ تباهي آڻيندڙ سامونڊي جهاز کي فوري موڪلڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی