گڏيل قومون -07 نومبر (اي پي پي) اسرائيل فلسطين تڪرار کي حل ڪرڻ جي حوالي سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس سڀاڻي 9 نومبر تي ٿيندو. روس جي ??اب??و اد??ري مطابق گڏيل قومن ۾ گڏيل عرب امارات جي مستقل نمائندي ۽ سفير چيو آهي، ته هن اجلاس ۾ (جنهن جي صدارت چين ڪري رهيو آهي) سلامتي ڪائونسل جا سمورا 15 ميمبر وچ اوڀر جي تڪرار جي حل جي دستاويزن تي مشاورت ۾ حصو وٺند?? جن کي تنظيم جي 10 غير مستقل ميمبر ملڪن تجويز ڪيو هو. واضح رهي ته گذريل مهيني گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل فلسطين اسرائيل تڪرار تي ٺهراءَ جي 4 مسودن مان ڪنهن کي به منظور ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي 10 غير مستقل ميمبرن پنهنجي دستاويز جو مسودو تيار ڪيو آهي، جنهن ۾ اڳوڻن ٺهرائن جي مسودن جي شقن کي شامل ڪرڻ جي اميد آهي. واضح رهي ته 7 آڪٽوبر ??ان جاري حماس اسرائيل جن ۾ 9 هزار ??ان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ هزارين زخمي ٿي چڪا آهن جنهن ۾ وڏي اڪثريت معصوم ٻارڙن ۽ عورتن جي آهي.
اسرائيل فلسطين تڪرار بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں