اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي ??ي پي) پاڪستان غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي سميت غزه جي پٽيءَ ۽ اولهندي ڪناري ۾ امدادي ڪاررواين جي لاءِ قائم گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن بابت ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) جي خلاف پابنديون هٽائڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي قرارداد جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ??سان فلسطين ۾ دشمني جي فوري خاتمي، غزه ۾ نسل ڪشيءَ جي خاتمي، شهرين ۽ شهري بنيادي ڍانچي جي تحفظ، فوري ضرورتمندن تائين غيرمحدود انساني همدرديءَ جي پهچ، يو اين آر ڊبليو اي کي مڪمل تعاون ۽ ان جي لازمي انساني سرگرمين ۽ فوري ضرورتمندن کي صحت جي سارسنڀال جو مطالبو ڪريون ٿا. ترجمان عالمي برادري تي زور ڀريو ته ??ها اسرائيل کي ان جي جن??ي ڏوهن ۽ والاريل علائقن ۾ انسانيت جي خلاف ڏوهن تي جوابده قرار ڏي.
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم