اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊار 2 ۽ 3 ڊسمبر تي اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي وزيرن واري ڪائونسل جي 28هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ مشهد ايران جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ دوران چئي. هن چيو ته نائب وزيراعظم اجلاس ?? اي سي او چارٽر جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندو ۽ اي سي او خطي ۾ وڌ کان وڌ رابطي جي امڪانن کي اجاگر ڪندو، هو پنهنجي خطاب ?? اي سي او خطي جي اقتصادي صلاحيت وڌا??ڻ جي لاءِ رستن ۽ ريل نيٽ ورڪس جي ترقي، ويزا نظام کي نرم ڪرڻ ۽ سرحدي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ ۽ پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ ۽ جيو اڪنامڪ صلاحيت کي وڌا??ڻ جي لاءِ زور ڀريندو. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊار وچ اوڀر جي موجوده صورتحال سان علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطري بابت پاڪستان جي خدشن جو پڻ ورجاءُ ڪندو. نائب وزيراعظ?? ا?? سي او ڪلين انرجي سينٽر جي چارٽر تي پڻ صحيحون ڪندو ۽ اي سي او ملڪن جي وزيرن سان ملاقاتون ڪندو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 2 ڊسمبر تي ايران جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ