اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وف??قي وزير عطاالله تارڙ سي پيڪ کي پوري خطي جي خوشحالي جو منصوبو قرار ڏيندي چيو آهي، ته سي پيڪ پا??ستان ۽ چين جي قربت ۽ مثالي دوستي جو چٽو ثبوت آهي، چين جو پا??ستان جي معاشي بهتري ۾ اهم ڪردار آهي، ڏک سک ۾ چين سدائين پا??ستان جو ساٿ ڏنو آهي، چين جي وزيراعظم جو پا??ستان جو دورو انتهائي اهميت رکي ٿو. پا??ستان ۽ چين سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي شروعات ڪرڻ وڃي رهيا آهن، سي پيڪ ٽو منصوبو پا??ستان ۽ خطي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو. گذريل ڏينهن چائنه چيمبر آف ڪامرس جي انتظام هيٺ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي وف??قي وزير چيو ته پا??ستان ۽ چين جي دوستي ڏهاڪن تي ٻڌل آهي، جيڪا هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين اڳيان وڌي رهي آهي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جو هڪ ٻئي سان جذباتي لڳاءُ آهي. ٻئي ملڪ مضبوط دوستي جي رشتي ۾ جڙيل آهن. چين ۽ پا??ستان جا لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ مضبوط ٿيندا پيا وڃن. وف??قي وزير چيو ته چين سدائين ڏک سک ۾ پا??ستان جو ساٿ ڏنو آهي، جڏهن اسان کي بدترين توانائي جو بح??ان درپيش هو ته چين پا??ستان جي توانائي جي شعبي جي نئين سر تعمير ۾ اسان جي مدد ڪئي. هن چيو ته 2013ع ۾ 8 کان 19 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ٿي رهي هئي، جنهن سبب اسان کي ساليانو 500 ارب روپين جو معاشي نقصان ٿي رهيو هو، اها بدترين صورتحال هئي، انڊسٽريز بند ٿي رهيون هيون، گهريلو صارفين لوڊ شيڊنگ سبب سخت متاثر ٿي رهيا هئا. هن چيو ته بجلي جي توانائي جي بح??ان کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي فوري بجلي جا پيداواري منصوبا لڳائڻ جي ضرورت هئي، چين جي ون بيلٽ ون روڊ انيشيٽو تحت بجلي جا ڪيترائي منصوبا لڳايا ويا، ساهيوال ڪول پاور، ٿر ڪول، ڪراچي پورٽ انرجي پراجيڪٽ شروع ڪيا ويا. هن چيو ته سي پيڪ ۽ نان سي پيڪ توانائي جي منصوبن سان توانائي جي بح??ان تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي جنهن سبب اسان 2018ع ۾ زيرو لوڊ شيڊنگ ڇڏي وياسين. هن چيو ته 2013 کان 2018ع تائين ڪاميابين جو سفر جاري هو. پا??ستان جي معاشي بهتري ۾ چين جو اهم ڪردار رهيو آهي. وف??قي وزير چيو ته 2018ع ۾ اوسر واري شرح 5.8 سيڪڙو هئي، مهانگائي جي شرح 4 سيڪڙو هئي، اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگائي 6.9 سيڪڙو تي آئي آهي، پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي ٿي آهي. هن چيو ته چيني قيادت، چيني سفير ۽ چيني ڪمپنين جا ٿورائتا آهيون جن پا??ستان سان مضبوط اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ذريعي توانائي جي بح??ان تي ضابطو آڻڻ ۽ پا??ستان جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ??دا ڪيو. هن چيو ته پا??ستان چيني ڪمپنين کي بهترين انڊسٽريل زونز فراهم ڪري سگهي ٿو، هو هتي گهٽ پيداواري لاڳت مان فائدو کڻي سگهن ٿا ۽ پنهنجي مصنوعات پا??ستان مان ٻين ملڪن کي امپورٽ ڪري سگهن ٿا. وف??قي وزير چيو ته 11 سالن کان پوءِ چين جو وزيراعظم پا??ستان جو دورو ڪري رهيو آهي جيڪو نه رڳو پا??ستان پر پا??ستان جي عوام لاءِ خوشي جو سبب آهي. هن چيو ته چين جي وزيراعظم لي چيانگ جو دورو پا??ستان لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو. ٻئي ملڪ سي پيڪ جي ايندڙ مرحلي جي شروعات ڪرڻ وڃي رهيا آهن، سي پيڪ ٽو منصوبو پا??ستان ۽ خطي لاءِ گيم چينجر هوندو. هن چيو ته پا?? چين دوستي اسان جي دلين جي تمام ويجهو آهي، ٻنهي ملڪن جي عوام ۽ خطي جي خوشحالي اسان جا گڏيل مقصد آهن. هن چيو ته سي پيڪ ٻنهي ملڪن جي قربت ۽ مثالي دوستي جو چٽو ثبوت آهي، سي پيڪ پا??ستان ۽ چين جو ئي نه پر پوري خطي جي خوشحالي جو منصوبو آهي.
سي پيڪ پوري خطي جي خوشحالي جو منصوبو آهي، چين ڏک سک ۾ سدائين پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، پاڪستان جي معاشي بهتري ۾ چين جو اهم ڪردار آهي: عطاالله تارڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں