نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوليو جي خا??مي، ماءُ ۽ ٻار جي صحت، غذائيت، حفاظتي ٽُڪن، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ م??لي شموليت جي لاءِ گيٽس فائونڊيشن جي پاڪستان سان تعاون کي ساراهيندي ملڪ مان پوليو جي مڪمل خا??مي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلا?? جي موقعي تي بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جي باني ۽ شريڪ چيئرمين بل گيٽس ملاقات ڪئي. هلندڙ سال جون ۾ بل گيٽ?? جي پاڪستان جي دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ڊسمبر 2024ع ۾ سيٽل مين گيٽس فائونڊيشن جي دوري جي دعوت تي سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم پوليو جي خا??مي، ماءُ ۽ ٻار جي صحت، غذائيت، حفاظتي ٽيڪن، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ م??لي شموليت جي لاءِ گيٽس فائونديشن جي پاڪستان سان تعاون کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم ملڪ مان پوليو جي مڪمل خا??مي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ان ڪوشش ۾ پراڻي تعاون تي بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان ۾ صحت جي نظام جي مضبوطي ۽ ماءُ ۽ ٻار جي غذائيت جي لاءِ مسلسل ڪوششن ۽ تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو. پاڪستان جي پوليو جي خا??مي جي لاءِ ڪوششن جو اعتراف ڪندي بل گيٽس زور ڏنو ته پوليو جو خا??مو ايندڙ نسلن کي ان موذي بيماري کان بچائڻ جي لاءِ تمام ضروري آهي. هن سڄي ملڪ ۾ پول??و ويڪسين پروگرام ۾ وزيراعظم جي ذاتي نگراني ۽ صوبائي حڪومتن جي قدمن کي ساراهيو. بل گيٽس افغانستان سان صحت جي جامع ڊائيلاگ تي روشني وڌي ۽ انهن قدمن جي لاءِ تعاون جي درخواست ڪئي. هن انهن جاين تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ تي پنهنجي رضامندي جو پڻ اظهار ڪيو جتي ٻارن کي پول??و ويڪسين اڃا تائين ميسر نه ٿي يا پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار جو انگ وڌيڪ آهي، خا?? طور تي جتي ٻارن کي بيماري لڳڻ جي شرح وڌيڪ آهي. گيٽس وزيراعظم کي شاهه سلمان انساني امداد ۽ ريليف سينٽر جي پوليو ۽ ٻي صحت بابت امداد جي قدمن بابت آگاهه ڪيو. هن وزيراعظم سان بي ايم جي ايف جي غذائيت تي ڪم خا?? طور تي حاملا عورتن جي لاءِ مائيڪرو نيوٽرينٽس بابت پڻ ٻڌايو ۽ چيو ته يونيسيف جي تعاون سان انهن کي اضافي وٽامن فراهم ڪري ان کي ڪيئن وڌائي سگهجي ٿو. وزيراعظم گيٽس فائونڊيشن جي غزه ۾ پوليو مهم کي ساراهيو. هن فوري جنگبندي ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب تڪرارن جي حل تي زور ڏنو. هن پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ هڪ اعتماد جوڳي اتحادي هجڻ تي بي ايم جي ايف کي ساراهيو ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي، ايس ٽي اي ايم، تعليم، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جهڙن شعبن ۾ تعاون کي وسيع ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي.
وزيراعظم پاران پاڪستان مان پوليو جي خاتمي، ماءُ ۽ ٻار جي صحت، غذائيت، حفاظتي ٽُڪن، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ مالي شموليت جي لاءِ گيٽس فائونڊيشن جي تعاون جي واکاڻ
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری